پيرس (ويب ڊيسڪ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ طرفان واپار تي وڌيڪ ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي فيصلي کان تنگ اچي فرانس آمريڪا کي تحفي ۾ ڏنل آزاديءَ وارو مجسمو واپس وٺڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو.
فرانس جي سوشلسٽ ۽ ڊيموڪريٽڪ گروپ جي اڳواڻ رافيل گلوڪس مين ٽرمپ تي تنقيد ڪندي چيو ته جيڪڏهن آمريڪا پنهنجي سائنسدانن کي بيروزگار ڪري رهيو آهي ۽ ظلم ڪندڙن جو ساٿ ڏئي رهيو آهي ته پوءِ ان کي 1886ع ۾ فرانس طرفان ڏنل آزاديءَ جو مجسمو واپس ڪرڻ گهرجي.
هن وڌيڪ چيو ته اسان اِهو مجسمو تحفي طور ڏنو هو، پر آمريڪا کي ان جي اهميت جو پتو ئي ناهي، انڪري بهتر ٿيندو اهو واپس ورتو وڃي، اهو مجسمو پنهنجي اصل جاءِ يعني فرانس ۾ بهتر لڳندو.
آزاديءَ جي مجسمي جي تاريخ
فرانس جي عوام آمريڪي انقلاب جي 100 هين سالگره تي 1885ع ۾ آمريڪا کي آزاديءَ جو مجسمو تحفي طور ڏنو هو.
1886ع ۾ اهو نيويارڪ جي هڪ اهم علائقي ۾ لڳايو ويو ۽ ان جا دروازا ملڪ ۾ موجود هر فرد ڀلي اِهو شهري هي، سياح هجي يا پناهگير لاءِ کولي ويا هئا.
هي مجسمو هڪ اهڙي عورت جي علامت آهي، جيڪا ظلم جي زنجيرن مان آزاد ٿي چڪي آهي، سندس پيرن هيٺان ٽٽل زنجير پيا آهن، ساڄي هٿ ۾ مشعل، جڏهن ته کاٻي هٿ ۾ هڪ ڪتاب آهي، جنهن تي 4 جولاءِ 1776 لکيل آهي، جيڪو آمريڪا جي آزاديءَ جو ڏينهن آهي.
هي مجسمو فريڊرڪ آگستي بارٿولدي ڊزائن ڪيو، جڏهن ته ان جو ڍانچو آئفل ٽاور ٺاهيندڙ انجنيئر گستاو آئفل تيار ڪيو هو.
1924ع ۾ ان کي قومي يادگار قرار ڏنو ويو، جڏهن ته 2009ع ۾ نائين اليون حملن کانپوءِ پهريون ڀيرو ان جي تاج کي عوام لاءِ کوليو ويو.
هي مجسمو پيڙهه کان مشعل تائين 46 ميٽر ڊگهو آهي ۽ 26 ميٽر بلند پٿر تي لڳايو ويو آهي، جيڪو ستاري جي صورت واري 20 ميٽر بلند بنياد تي بيٺل آهي.
You might also like