ملڪ ۾ بيروزگارن جو انگ ڪيترو؟ تفصيل سامهون اچي ويا

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) رٿابندي واري وفاقي وزير احسن اقبال ملڪ ۾ بيروزگارن جا تفصيل قومي اسيمبلي ۾ پيش ڪري ڇڏيا.
اسپيڪر سردار اياز صادق جي صدارت هيٺ قومي اسيمبلي اجلاس دوران، وفاقي وزير احسن اقبال سوالن جي وقفي ۾ ملڪ ۾ بيروزگار ماڻهن بابت تفصيل پيش ڪيا.
هن ٻڌايو ته 2021 کانپوءِ بيروزگاري بابت ڪو به سروي ناهي ڪيو ويو، جڏهن ته 2021 جي سروي موجب ملڪ ۾ بيروزگاري جي شرح 6.3 سيڪڙو آهي ۽ 45 لک 10 هزار ماڻهو بيروزگار هئا.
وفاقي وزير موجب، ملڪ ۾ روزگار سان لاڳاپيل افرادي قوت جو انگ 6 ڪروڙ 72 لک آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.