پرڏيهه ۾ رهندڙ سنڌين پاران ڪئنالن خلاف سفارتخانن ٻاهران احتجاج جاري

نيو يارڪ/ٽورانٽو (م ڊ) سنڌو درياهه تي چولستان ڪئنال سميت 6 ڪئنالن ڪڍڻ جي سنڌ دشمن منصوبي خلاف دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ رهندڙ سنڌين پاران پاڪستاني سفارتخانن پاران احتجاجن جو سلسلو جاري آهي. ان سلسلي ۾ ڪئنيڊا ۾ رهندڙ سنڌين ملڪ جي راجڌاني ٽورانٽو ۾ پاڪستاني سفارتخاني آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي. پاڪستاني سفاتخاني ٻاهران ورلڊ سنڌي ڪانگريس ۽ سنڌي ائسوسيئيشن آف نارٿ آمريڪا جي اڳواڻن پاران حاج ڪلهوڙو، علي ممتاز شر، زاهد شاهه، حبيب ميمڻ، زاهد شاهه، آريان شر ۽ ٻين اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ورلڊ سنڌي ڪانگريس ۽ سانا اڳواڻن چيو ته صدر آصف علي زرداري، وزير اعظم شهباز شريف ۽ آرمي چيف سنڌوءَ مان ڪئنال ڪڍڻ وارو فيصلو فوري طور تي واپس ڪرائين ٻي صورت ۾ هي معاملو عالمي عدالت کڻي ويندا. نيو يارڪ ۾ پاڪستاني سفارتخاني آڏو سانا ۽ ورلڊ سنڌي ڪانگريس  پاران احتجاج ڪيو ويو. احتجاج ۾ فرحان سومرو، حبيب ڀٽو، رمضان بليدي، علي خاصخيلي، راجا ڏاھر، حسن مجتبيٰ، شوڪت زرداري، وقار لغاري، شاھدا سومرو ۽ ٻيا شريڪ ٿيا. اڳواڻن چيو ته سنڌ اسيمبلي مان ٺهراءُ پاس ڪرائڻ ڪافي ناهي، پيپلزپارٽي وارا قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ ۾ احتجاج ڪن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.