اسلام آباد(عمران شفقت) جعفر ايڪسپريس حملي کان پوءِ پاڪستان حملن جو نشانو بڻيل آهي 24 ڪلاڪن دوران هڪ درجن کان وڌيڪ دهشتگردي جا واقعا ٿي چڪا آهن،نوشڪي ۾ ٿيل حملي ۾ هڪ اطلاع مطابق 7 بسون ۽ 2 ڪارون شامل هيون جن تي حملو ڪيو ويو امڪان اهو ظاهر ڪيو پيو وڃي ته پهريون خودڪش حملو ٿيو ان کان پوءِ بسن مٿان فائرنگ ڪئي وئي آهي.بلوچستان ۾ ٽي واقعا ٿيا آهن ڪي پي ۾ درجن کان وڌيڪ دهشتگردي جا واقعا ٿيا آهن. گذريل ڏينهن اها خبر به هلئي ته بي ايل اي ڪمانڊر بشير زيب فورسز هٿان مارجي ويو آهي.اطلاع مطابق بشير زيب نشانو ناهي بڻيو. بشير زيب جي مارجڻ بابت سيڪيورٽي ادارن پاران چيو ويو آهي ته اهو صرف سوشل ميڊيا تي هلي رهيو آهي اسان وٽ ڪو اهڙو اطلاع ناهي. حافظ ضياءَ الرحمان جي قتل ۾ را ملوث آهي ڪجه عرصي کان را اهڙا 14 کان 15 ماڻهو ماريا آهن جيڪي انهن کي گهربل هئا.ڀارت مطابق اهي ماڻهو ڪشميرين سان رابطي ۾ هئا.انهن سڀني واقعن ۾ را شامل ٿي سگهي ٿي.بي ايل اي جي پويان را به آهي ته ڪجهه نه ڪجهه هٿ ايران جو به آهي. هڪ ملڪ پراڪسيز وسيلي پاڪستان کي ٽوڙڻ ۽ نقصان پهچائڻ گهري ٿو. ڀارتي صحافين مطابق ڪشمير ۾ جيڪي جهادي ڪيمپون هيون انهن جو پي بيڪ ڪرڻ جو وقت هاڻي پاڪستان جو آهي.طالبان ڀارت جي چوڻ تي پاڪستان ۾ حملا ڪري رهيا آهن جيستائين گهر ٺيڪ نه ٿيندو تيستائين اهي معاملا حل نه ٿيندا.جن جن قوتن نوان نوان تجربا ڪيا ۽ پنهنجي پنهنجي حدن کان تجاوز ڪيو جستائين اهي قانون جي ڪٽهڙي ۾ نه ايندا تيستائين اهي مسئلا حل نه ٿيندا.
هي تجزيو، روزاني عوامي آواز، سومر 17 مارچ 2025ع تي شايع ٿيو