پاڪستان ٽي ٽوئنٽي تاريخ جو بدترين رڪارڊ قائم ڪري ڇڏيو

ڪرائسٽ چرچ (ويب ڊيسڪ( پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم نيوزيلينڊ خلاف پهرين ٽي ٽوئنٽي ميچ ۾ شڪست سان گڏ پنهنجي ٽي ٽوئنٽي تاريخ جو بدترين رڪارڊ به قائم ڪري ڇڏيو.
آچر ڏينهن نيوزيلينڊ پهرين ٽي ٽوئنٽي ميچ ۾ هڪ طرفي مقابلي کانپوءِ پاڪستان کي 9 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي.
نيوزيلينڊ جي ڪپتان ٽاس کٽي پاڪستان کي پهرين بيٽنگ جي دعوت ڏني، پاڪستاني ٽيم نيوزي لينڊ خلاف پهرين بيٽنگ ڪندي رڳو 91 رنسن تي ڍير ٿي وئي.
نيوزيلينڊ پاڪستان طرفان ڏنل 92 رنسن جو هدف آسانيءَ سان هڪ وڪيٽ جي نقصان تي 11هين اوور ۾ حاصل ڪري 5 ميچن جي سيريز ۾ 1-0 جي سرسي حاصل ڪري ورتي
پاڪستان پهرين ٽي ٽوئنٽي عبرتناڪ شڪست سان گڏوگڏ پنهنجي ٽي ٽوئنٽي تاريخ جو بدترين رڪارڊ به قائم ڪري ڇڏيو.
ڪيويز گرِين شرٽس طرفان مليل هدف 20 اوورن کان 59 بالن اڳ حاصل ڪيو، جيڪا بالن جي اعتبار سان ٽي ٽوئنٽي انٽرنيشنل جي تاريخ ۾ پاڪستان جي بدترين شڪست ثابت ٿي.
ان کان اڳ 2018 ۾ آسٽريليا ٽي ٽوئنٽي انٽرنيشنل ۾ پاڪستان خلاف 55 بالن اڳ هدف ماڻيو هو.
واضح رهي ته پاڪستان جي ٽي ٽوئنٽي انٽرنيشنل ۾ هدف پٺيان ڊوڙندي ڪندي به سڀ کان بدترين شڪست نيوزيلينڊ خلاف ئي رهي آهي، جڏهن 2016 ۾ ويلنگٽن ۾ 196 رنسن جي هدف جي جواب ۾ پاڪستاني ٽيم 101 رنسن تي ڍير ٿي وئي هئي ۽ 95 رنسن تان شڪست کاڌي هئي.
پاڪستان ۽ نيوزي لينڊ وچ ۾ 5 ميچن جي سيريز جي ٻي ميچ اڱاري تي کيڏي ويندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.