اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) بچاءُ واري وزير خواجا آصف جعفر ايڪسپريس تي حملي کانپوءِ اپوزيشن طرفان استعيفيٰ ڏيڻ واري مطالبي تي ردعمل ڏنو آهي.
پارليامينٽ هائوس ٻاهران صحافين طرفان خواجا آصف کان پڇيو ويو ته اپوزيشن اوهان کي سيڪيورٽي ناڪامي جو ذميوار قرار ڏئي استعيفيٰٰ جو مطالبو ڪري رهي آهي؟
جنهن جي جواب ۾ خواجا آصف چيو ته مون کي ذميوار قرار ڏنو پيو وڃي، جيڪڏهن منهنجي استعيفيٰٰ سان معاملو حل ٿي سگهي ٿو ته مان تيار آهيان.
واضح رهي ته جعفر ايڪسپريس تي حملي کانپوءِ ٿيل قومي اسيمبلي اجلاس ۾ خيالن جو اظهار ڪندي خواجا آصف پي ٽي آءِ تي تنقيد ڪندي چيو ته سڄي قوم، آمريڪا ۽ گڏيل قومن طرفان جعفر ايڪسپريس تي حملي جي مذمت ڪئي وئي، پر پي ٽي آءِ باني طرفان ڪو به مذمتي بيان نه آيو.
پي ٽي آءِ اڳواڻ اسد قيصر خواجا آصف جي تقرير تي ردعمل ظاهر ڪندي چيو ته بچاءُ وارو وزير پنهنجي نااهلي جو ذميوار پي ٽي آءِ کي بڻائي رهيو آهي.
ان کانسواءِ اپوزيشن اتحاد طرفان گڏيل پريس ڪانفرنس دوران جعفر ايڪسپريس ۾ ٿيل دهشتگردي جي افسوسناڪ واقعي کي وڏي سيڪيورٽي ناڪامي قرار ڏيندي گهرو ، بچاءُ ۽ سنڌ سماءُ واري وزير کان استعيفيٰ جي گهر ڪئي وئي هئي.
ياد رهي ته دهشتگردن جي حملي ۾ 18 فوجين سميت 26 ڄڻا شهيد ٿيا، جڏهن ته سيڪيورٽي فورسز جي جوابي ڪارروائي ۾ سڀ 33 دهشتگرد ماريا ويا هئا.
You might also like