اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) پيٽروليم واري وفاقي وزير علي پرويز ملڪ چيو آهي ته پيٽرول مان حاصل ٿيندڙ رقم ۽ وسيلن کي بجلي جي قيمت گهٽائڻ تي خرچ ڪيو ويندو، وزيراعظم جلد بجلي جي اگهن ۾ نمايان گهٽتائي جو اعلان ڪندو.
وزارت جو عهدو سنڀالڻ کانپوءِ علي پرويز ملڪ لاهور ۾ ڪوٽ خواجا سعيد اسپتال جو دورو ڪيو،
ان موقعي تي سندس چوڻ هوته حڪومت عوام لاءِ آسانيون پيدا ڪندي ۽ جيڪو به سياست چمڪائڻ جي ڪوشش ڪندو تنهن کي ناڪامي جو منهن ڏسڻو پوندو.
هن وڌيڪ چيو ته آءِ ايم ايف طرفان معيشت جي بهتري لاءِ وزيراعظم جي ڪوششن کي ساراهيو ويو آهي، جڏهن ته وزيراعظم شهباز شريف مسئلن جي حل لاءِ سڀني سان سهڪار ڪندو.
پيٽروليم واري وزير جو چوڻ هو ته پيٽرول مان حاصل ٿيندڙ وسيلن کي بجلي جي اگهن ۾ گهٽتائي لاءِ استعمال ڪيو ويندو ۽ جلد ان جو باظابطا اعلان ڪيو ويندو.
دهشتگردي بابت ڳالهائيندي هن چيو ته ملڪ ۾ دهشتگردي ٻيهر ڪر کڻي رهي آهي، جنهن خلاف قوم کي گڏ ٿيڻو پوندو.
هن وڌيڪ چيو ته ان معاملي تي پي سي جي ڪوٺائڻ بابت بحث جاري آهي، جڏهن ته پاڪ فوج جا جوان ڏکئي مرحلي ۾ قوم جو دفاع ڪري رهيا آهن.
پيٽرول جو پئسو بجلي اگهه گهٽائڻ لاءِ ڪتب آڻڻ جو فيصلو، وزيراعظم جلد اعلان ڪندو
You might also like