اسلام آباد (ويب ڊيسڪ ) ايف آءِ اي سائيبر ڪرائيم سرڪل اسلام آباد رياستي ادارن خلاف نفرت جوڳي مهم هلائيندڙ جوابدار کي بني گالا مان گرفتار ڪري ورتو.
ايف آءِ اي موجب، جوابدار جعفر ايڪسپريس واقعي تي ناڪاري پروپيگينڊا ۽ توهين جوڳو مواد شيئر ڪيو هو.
سائيبر ڪرائيم سرڪل اسلام آباد جو چوڻ آهي ته جوابدار سوشل ميڊيا تي پابندي مڙهيل تنظيمن جي حمايت ۽ تشهيري مهم ۾ ملوث آهي، سندس سوشل ميڊيا اڪائونٽس ۽ ڊجيٽل ثبوت قبضي ۾ ورتا ويا آهن.
ياد رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ ڪالعدم بي ايل اي جي دهشتگردن بلوچستان جي بولان واري علائقي ۾ جعفر ايڪسپريس کي يرغمال بڻائي، ان ۾ موجود عورتن، ٻارن سميت سئو کان وڌيڪ مسافرن تي انڌا ڌند فائرنگ ڪئي هئي.
دهشتگرد حملي ۾ 18 فوجين سميت 26 ڄڻا شهيد ٿيا هئا، جڏهن ته سڪيورٽي فورسز جي جوابي ڪارروائي ۾ هڙئي 33 دهشتگرد مارجي ويا هئا.
آءِ ايس پي آر موجب، دهشتگرد ان ڪارروائي دوران افغانستان ۾ پنهنجي سهولتڪارن سان رابطي ۾ هئا، جڏهن ته ڪجهه دهشتگردن کي آپگهاتي جيڪٽس به پاتل هيون، جنهن سبب آپريشن انتهائي احتياط سان ڪيو ويو ۽ سڀني دهشتگردن کي جهنم ڀيڙو ڪيو ويو.