دڙو(رپورٽ: منٺار ٺاراڻي) سنڌياڻي تحريڪ (ڪيو اي ٽي) پاران سنڌو درياھ مان 6 نوان ڪئنال ڪڍڻ ۽ گرين پاڪستان جي نالي ۾ سنڌ جي زمينن تي قبضي خلاف ڪوٺايل آل پارٽيز ڪانفرنس ۾ سمورين سياسي، سماجي، قوم پرست جماعتن، مذهبي جماعتن، سنڌي ادبي سنگت سميت ساڃھ وندن 6 نون ڪئنالن ۽ گرين انيشيٽو منصوبن کي رد ڪري سمنڊ ۾ 20 ايڪڙ ملين فوٽ پاڻي ڇڏڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو. ڪانفرنس کي خطاب ڪندي سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي صدر زينت سمون خطاب ڪندي چيو تہ پيپلزپارٽي، نواز ليگ ۽ ٻين سنڌ دشمن ڌرين سان گڏجي سنڌي ماڻهن جي نسل ڪشي ڪرڻ چاهي ٿي. سنڌو درياءَ مان 6 نوان ڪئنال ڪڍڻ سان سنڌ بنجر ٿيڻ سان گڏ ڏڪار جو شڪار ٿي ويندي ۽ جر جو پاڻي زھريلو ٿي ويندو. سمنڊ ٺٽو، بدين ۽ سجاول ضلعن کي مڪمل ڳڙڪائي ويندو. سنڌ جون نياڻيون جيستائين زنده آھن تيستائين پنهنجي سنڌو درياھ تي قبضو ٿيڻ ھرگز نه ڏينديون. قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي سينئر ڊپٽي جنرل سيڪريٽري الطاف خاصخيلي خطاب ڪندي چيو ته ڌاڙيل نوان ڪئنال ھرگز سنڌ کي قبول ناھن. سنڌي گرلس اسٽوڊنٽس تحريڪ جي مرڪزي صدر رفيعه پليجو خطاب ڪندي چيو ته پاڻي لاء جدوجھد زندگي ۽ بقا جي جدوجهد آهي، سنڌو درياھ کي بچائڻ لاءِ لکين شاگردياڻيون پر امن جدوجھد ذريعي شاندار ۽ تاريخي ڪردار ادا ڪنديون. قومي عوامي تحريڪ مرڪزي ترجمان اشرف پليجي خطاب ڪندي چيو ته پيپلزپارٽي ھٿ وٺي سنڌي ماڻهن کي تباھ ۽ برباد ڪرڻ چاهي ٿي. قومي عوامي تحريڪ ضلعي سجاول جي آرگنائيزر پنھل سولنگي خطاب ڪندي چيو ته سنڌو درياءَ مان ڪئنال ڪڍڻ سنڌ کي ھٿ سان تباھ ڪرڻ ۽ سنڌ کي بنجر ڪرڻ جي سازش آھي.ايس ٽي پي اڳواڻ عبدالڪريم پليجو خطاب ڪندي چيو ته سنڌو درياھ سنڌين جو ساھ آھي درياھ جو وجود ختم ٿيڻ سان زرخيز سنڌ تباھ ٿي ويندي. جماعت اسلامي جي اڳواڻ آفتاب ٻجورو خطاب ڪندي چيو ته پيپلزپارٽي، زرداري ۽ بلاول ڀٽو زرداري سنڌ جي عوام سان نہ پر پنجاب ۽ وفاق سان گڏ بيٺل آھن. جي يو آءِ اڳواڻ صداقت شاھ خطاب ڪندي چيو ته نواز ليگ پاڻي جي سلسلي ۾ سنڌ سان ويساھ گهاتي ڪندي رھي آھي. پ پ پ شھيد ڀٽو جي اڳواڻ نظام ميمڻ خطاب ڪندي چيو ته وفاقي حڪومت ھوش کان ڪم وٺي. سنڌي ماڻھن کي ديوار سان نه لڳايو وڃي. جسقم اڳواڻ انور ملاح چيو ته سنڌو درياھ سنڌ جو جياپو آھي. ڪو به ڪئنال ۽ ڊيم ملڪ ۽ سنڌ جي مفاد ۾ ناھي. جسقم آريسر اڳواڻ قيوم سومرو خطاب ڪندي چيو ته سنڌ کي پنھنجي حصي جو پاڻي نٿو ڏنو وڃي، جيڪڏھن ڪئنال ٺھي ويا ته سنڌ تباھ ٿي ويندي.عوام پاڪستان جي اڳواڻ اقبال سومرو چيو ته چار سئو ڪلوميٽر ساحلي پٽي واري سنڌ بيروزگاري سبب بدحال آھي انقلابي ڪميونسٽ پارٽي جي اڳواڻ رشيد آزاد سومرو خطاب ڪندي چيو ته پيپلز پارٽي پنهنجي اقتداري دور ۾ سنڌ جي انچ انچ کي نيلام ڪري ڇڏيو آهي. وحدت مسلمين پاڪستان جي مختيار دايو خطاب ڪندي چيو ته آصف زرداري ايوان صدر ۾ ويھي پنھنجي پٽ کي وزيراعظم بنائڻ لاءِ سنڌو درياھ، لکين ايڪڙ زمين ۽ ٻيا وسيلا وڪڻي رھيو آھي. گسٽا اڳواڻ عبدالرحيم قاضي، پ ٽ الف جي سالار سميجو، پيرا ميڊيڪل اسٽاف جي اڳواڻ يونس سومرو، نيو ويزن اڳواڻ راحيل انور سومرو۽ بين چيو ته ارسا، واپڊا، سي ڊي ڊبليو پي ۽ سي سي آءِ تعصب پرست ادارا ثابت ٿيا آھن.