جي ڊي اي پاران اين اي 213 تي لال مالهي اميدوار نامزد،بلاول ڪئنالن خلاف اسان سان گڏ بيهي:صدرالدين شاهه

ڪراچي ( رپورٽر ) جي ڊي اي جي چيف ڪوآرڊينيٽر سيد صدرالدين شاھ راشدي بلاول ڀٽو زرداري کي ڇهه نوان ڪينال ٺاھڻ خلاف جاري تحريڪ م شامل ٿيڻ جي دعوت ڏيندي چيو آھي ته بلاول ڀٽو زرداري کيپنھنجي والد کان ڪجهھ حاصل نه ٿيندو،بلاول کي جيڪو ملڻو آھي اھو اسان وٽان ملندو،جي ڊي اي ،تحريڪ انصاف ۽ اتحادي جماعتن قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 213 عمرڪوٽ جي ضمني چونڊن ۾ پنھنجي گڏيل اميدوار جو اعلان ڪري ڇڏيو،لال مالھي گڏيل اميدوار ھوندو،اھڙو ھن آچر ڏينھن فنڪشنل ليگ ھاؤس ۾ اتحادي جماعتن جي اجلاس کانپوءِ پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو،ان موقعي تي پي ٽي آئي اڳواڻ حليم عادل شيخ،غلام مرتضيٰ جتوئي،سردار عبدالرحيم ،لال مالھي ۽ ٻين خطاب ڪيو،سيد صدرالدين شاھ راشدي وڌيڪ چيو ته ملڪ م ماحول ڏاڍو خراب ۽ بي يقيني جي صورتحال آھي جو سنڌ ۾ ھڪ طرف کوٽا سڪا ھڪ طرف آھن سنڌ جو عوام کوٽن سڪن کي قبول نه  ڪندو ھن چيو ت مرتضي خان جتوئي آزاد ٿي اچي ويو آهي ء ھي باعزت آزاد ٿيو آھي ۽ عوام ۾ ان جي مقبوليت ۾ وڌيڪ اضافو ٿيو آھي ،ھن بنا ڪنھن ڏوھ جي جيل ڪاٽيو،اسان عوام سان گڏ بيٺل آھيون ۽ منزل ضرور حاصل ڪنداسين ،سيد صدرالدين شاھ راشدي چيو ته سنڌ جو پاڻي وڪرو ڪندڙن پاڪستان کپي ؛جو ھڪ نعرو ھنيو ھو،جنھن جو مقصد ملڪ کي نيلام ڪرڻ ھو،عوام ڄاڻي ٿو ته ھو پاڪستان کي وڪڻڻ نڪتا آھن ۽ اسان پاڪستان بچائڻ نڪتا آھيون، ھڪ سوال جي جواب ۾ ھن چيو ته عوامي مينڊيٽ کي تسليم ڪرڻ کانسواءِ بلوچستان جو مسئلو حل نٿو ٿي سگھي،ڳالھين وسيلي مسئلن کي حل ڪيو وڃي،رياست کي هلائڻو آھي ته گڏ ويھي مسئلا حل ڪيا وڃن،مونکي سمجھه ۾ نٿو اچي ته بلوچستان جي مسئلي تي ڇو نه ٿيون ڳالھيون ڪيون وڃن، ڪالاباغ ڊيم جي حوالي سان  سوال جي جواب ۾ ھن چيو ته پيپلزپارٽي پنھنجي حڪومت ۾ ڪالاباغ ڊيم جي اڏاوت لاءِ بجيٽ ۾ رقم رکي ھئي،جي ڊي اي جي اڳواڻ مرتضي خان جتوئي چيو ته مؤن تي ٻڪري ،موٽر سائيڪل چوري ء پوليس سان مقابلو ڪرائڻ جھڙا ڪوڙا الزام ھڻي ڪيس داخل ڪيا ويا، حليم عادل شيخ چيو ته ڇھن نون ڪينالن تي پي ٽي آئي جو موقف واضع آھي ،ڊاڪٽر عارف علوي صدر جي حيثيت سان صحيع نه ڪئي ھئي،اسان سنڌ ۽ سنڌو درياء کي بچائڻ لاءِ نڪتا آھيون، سردار عبدالرحيم چيو ته لال مالھي عمرڪوٽ مان چونڊجڻ کانپوءِ ڪينالن خلاف قومي اسيمبلي ۾قرارداد آڻيندو،گڏيل اميدوار لال مالھي چيو ته سنڌو درياء بچايو ڪميٽي جو ٿورائتو آهيان جن مونکي گڏيل اميدوار بيهاريو آھي، ان موقعي تي ڊاڪٽر صفدر عباسي،بيريسٽر حسنين مرزا،منير حيدر شاھ،ارباب ابراھيم،مظھر راھوجو،فقير غلام النبي منڱريو،خضر حيات منڱريو،انجنئير وادو مل ء ٻيا موجود ھئا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.