ٽنڊي جان محمد ۾ عوامي تحريڪ پاران ڪئنالن ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ خلاف ريلي

ٽنڊو جان محمد (علي احمد جروار)  عوامي تحريڪ طرفان ٽنڊو جان محمد ۾ ڇهه نون ڪئنالن، ڪارپوريٽ فارمنگ، ارسا ايڪٽ ترميم خلاف پلي ڪارڊ کڻي عورتون ۽ ٻارڙا به وڏي انگ ۾ شريڪ. ريلي جي اڳواڻي عوامي تحريڪ جي مرڪزي سينيئر نائب صدر نور احمد ڪاتيار، مرڪزي رابطا سيڪريٽري لال جروار، مختيار خاصخيلي، اياز کوسو، امير بخش جروار، ايڊوڪيٽ غفار ناريجو، جوش جروار، رازق بلوچ، سنڌياڻي تحريڪ جي اڳواڻ عظمت ڪلوئي، زبيده ڪلوئي ۽ ٻين اڳواڻن ڪئي. ريلي کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته سنڌو درياهه تي ڪئنال سنڌ جي وجود تي وار آهي، سنڌ جو عوام پنهنجي درياهه تي ڌاڙو ھرگز برداشت نه ڪندو، هنن چيو ته پنجاب جي حڪمرانن سنڌ جي اجازت کانسواءِ درجنين ڪئنال ٺاهي سنڌ کي تباهه ۽ برباد ڪيو آهي. هن وقت ۾ سنڌ ۾ پاڻيءَ جي شديد کوٽ آهي، هنن چيو ته جمھوريت جي نالي ۾ ملڪ مٿان ھائبرڊ ڊڪٽيٽرشپ مڙھيل آھي. سنڌ جون زمينون ،قدرتي وسيلا ۽ درياھ قوم جي گڏيل ملڪيت ۽ ورثو آھي ڪنھن به حڪمران کي ان جو وڪرو ڪرڻ جو ڪوبه اختيار ناھي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.