بيٺڪ پروگرام ۾ ڪئنال اشو تي ٻن صحافين ۾ تڪرار

لاهور(عوامي آواز نيوز) پنجابي صحافي رضي دادا پاران سنڌين کي جاهل لکڻ واري ٽوئيٽ تي لاهور ۾ ڪم ڪندڙ سنڌي سينئر صحافي امداد سومري بيٺڪ نالي وي لاگ پروگرام ۾ رضي دادا آڏو سخت احتجاج ڪيو،امداد سومري چيو ته گذريل ڀيري به منهنجي رضي دادا سان ان ڳالهه تي جهڙپ ٿي هئي ته هن پشتون قوم کي دهشتگرد ڪوٺيو هو،هن آدم شماري اشو تي مون کي هڪ پروگرام ۾ غلط ڪوٺيو هو،تڏهن مون کيس ڪو جواب نه ڏنو هو، ٿي سگهي ٿو ڪئنالن خلاف احتجاج غلط هجي ٿي سگهي ٿوڪجهه سنڌي غلط هجن پر پوري سنڌي قوم کي توهان جاهل ڪوٺيندا ته مان ته ڳالهائيندس،رضي دادا ان تي جواب ڏنو ته هي ان فورم جي ڳالهه ناهي،توهان بي شرم ماڻهو آهيو،امداد سومري چيو ته مان توهان جي منهن تي ڳالهائيندس،مان توهان وانگر بزدل ناهيان،جنهن تي رضي دادا چيو ته مان واڪ آئوٽ ٿو ڪريان جنهن تي امداد سومري چيو ته توهان ڀلي واڪ آئوٽ ڪريو،رضي دادا چيو ته جيڪو منهنجي پنجابي کي گار ڏيندو مان ان کي قوم تي گار ڏيندس،امداد سومري چيو ته اسان کي حڪمرانن، سياستدانن، اختيارين سان اختلاف شڪايتون ٿي سگهن ٿيون پر ڪڏهن به ڪنهن قوم کي گار نه ڏيندا ڪريو،رضي صاحب ڪنهن سنڌي سياستدان،پروفيسر يا استاد کي ڀلي گهٽ وڌ ڳالهائي پر بطور قوم گار نه ڏيڻ گهرجي،هن چيو ته ماڻهو مون کي فون ڪري چون ٿا ته توهان جي پروگرام ۾ ويٺل ماڻهو تعصب نٿا پکيڙين،صحافي سعيد چوڌري چيو ته مراد علي شاهه جي پوري تقرير ۾ هڪ لفظ به اهو نه هو ته سنڌ جو پاڻي انهن ڪئنالن ۾ کنيو پيو وڃي پوءِ مسئلو ڪٿي آهي؟وڏي وزير سنڌ جو ڪيس ته پيش ئي ناهي ڪيو، اهو پنجاب جو پاڻي آهي،امداد سومري چيو ته پنجاب جو پاڻي ننڍي آبادگار بدران ڪارپوريٽ سيڪٽر کي ڏنو پيو وڃي،اهو ته پنجاب جو به ڪيس آهي،توهان اکيون کوليو،توهان جو پاڻي گوجرانواله يا صادق آباد جي ڪنهن آبادگار بدران چولستان ۾ اربين رپين جي سيڙپ ڪندڙ سرمائيدار کي ڏنو ويندو،هن چيو ته اها ڳالهه غلط آهي ته منگلا پنجاب جو آهي ۽ تربيلا سنڌ جو آهي،عالمي ماهر به چون ٿا ته ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم تي 8.6 ايم اي ايف پاڻي ڇڏيو وڃي،رضي دادا چيو ته سنڌو ندي  نه پر اباسين ندي آهي

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.