سنڌو مٿان نوان ڪينال سياسي ۽ شرعي لحاظ کان ناجائز آهي:مشائخ ڪانفرنس

ڪراچي(رپورٽر) جمعيت اتحاد العلماء و مشائخ جي سري هيٺ رٿيل” پاڻي ڪانفرنس“ ۾ شريڪ تمام مڪاتب فڪر جي عالم سڳورن سنڌوءَ مان چولستان سميت ڇهه نوان ڪينال ڪڍڻ کي اسلام، آئين ۽ قانون  جي خلاف ۽ پيپپلزپارٽي جي مجرماڻي ڪردار جي سخت مذمت ڪندي وفاقي حڪومت کي خبردار ڪيو آهي ته هوءَ ملڪي سلامتي ۽ قومي وحدت کي نقصان پهچائڻ وارا منصوبا فوري طور تي واپس وٺي، جاري پڌرنامي ۾ وڌيڪ چيو ويو ته علماءَ و مشائخ ڪانفرنس جو هيءَ نمائنده اجلاس متفقه طور تي سنڌ جي عوام جي ترجماني ڪندي سياسي ۽ شرعي لحاظ کان سنڌو مٿان نوان ڪينال ٺاهڻ واري منصوبي کي مڪمل طور تي رد ڪري ٿي. 1991ع ٺاهه موجب صوبن وچ ۾ پاڻي ورڇ تي عملدرآمد ڪري موجوده بحران مان ملڪ کي ڪڍي سگهجي ٿو. ڪانفرنس کي صدارتي خطاب ڪندي جماعت اسلامي سنڌ جي امير ڪاشف سعيد شيخ چيو ته سنڌ جي پاڻي کان ويندي معدني وسيلن جي ڦُرلُٽ تائين پ پ قومي مجرم پارٽي بڻجي چڪي آهي جنهن پاران ڪيل سنڌ دشمن فيصلن جا نتيجا ايندڙ نسلن کي به ڀوڳڻا پوندا، 91واري معاھدي تحت به سنڌ کي ڪڏھن به پاڻي ناھي مليو. برک عالم قاضي احمد نوراني چيوته سنڌ جي حقن تي ڌاڙو ڪڏهن به برداشت نه ڪبو جي يو آءِ ف سنڌ جي اڳواڻ مولانا عبدالڪريم عابد چيوته ديني جماعتن کي ھڪ پليٽ فارم تي گڏ ٿي ڪري پاڻي سميت سنڌ جي وسيلن توڙي حقن لاءِ جاکوڙ ڪرڻ گھرجي.ايم ڊبليو ايم جي علامه مبشر حسن زيدي چيو ته سنڌوءَ تي ڌاڙي سان سنڌ توڙي اسان جي نسلن جي تباھي جي رٿا جوڙي پئي وڃي اڳوڻي ايم اين اي مولانا اسدالله ڀٽو چيو ته پاڻي زندگي ۽ سنڌو درياءَ تي نوان ڪئنال اسان لاءِ زندگي ۽ موت جو مسئلو آھي جمعيت علماء پاڪستان علامه عقيل انجم  قادري چيو ته ڪراچي کي به مٺو پاڻي تڏهن ئي ملندو،جي يوي آءِ(س) جي مفتي حماد مدني چيو ته سنڌ جا عالم مشائخ سڄاڳ سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙو ھڻڻ نه ڏيندا. جمعيت اتحاد العلماءَ سنڌ جي صدر حافظ نصرالله چنا چيو ته سڀ کان پهرين صدر زرداري 08 جولاءِ 24ع تي ارسا اجلاس ۾ سنڌو مان نوان ڪينال ڪڍڻ جي منظوري ڏني

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.