لاهور (م ڊ) قومي عوامي تحريڪ جي سربراهه اياز لطيف پليجي لاهور ۾ شاگردن جي ميڙاڪي کي خطاب ڪندي چيو ته سنڌو درياهه تي نوان ڪئنال ملڪ جي بقا جو مسئلو آهي، سنڌ جي بقا ۽ مستقبل جو دارومدار سنڌو درياهه تي آهي، چولستان ۽ ٻيا ڪئنال ٺهيا ته سنڌ جو پاڻي بند ٿي ويندو. هن چيو ته سنڌ صوبائي اسيمبلي ۽ پارليامينٽ ۾ ماڻهن جو مينڊيٽ شامل ناهي، سڀني صوبن کي ڳنڍڻ جو ذريعو آئين، عدليه ۽ سنڌو درياهه آهي، سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ گورننس ۽ آئين جي بالادستي جو بحران آهي، حڪمرانن لاءِ عوام، روزگار، زراعت ۽ پاڻي اهميت نٿا رکن. آئين کي نقصان پهتو ته عوام جو نقصان ٿيندو، سنڌ لينڊ مافيائن ۽ قبضا خورن جي حوالي ڪئي وئي آهي. اياز لطيف پليجي چيو ته سنڌ اسيمبلي تصديق ڪري ڇڏي ته ڪئنالن تي ڪم هلي رهيو آهي، جيڪڏهن سنڌ حڪومت سچ ڳالهايو ته هيل تائين اهو ڇو چئي رهيا هئا ته ڪئنال ناهن ٺهي رهيا. هن چيو ته بندرگاهه، گيس، ڪوئلو ۽ پيٽرول ڏيندڙ سنڌ کان پاڻي ۽ وسيلا ته نه کسيو، مسئلن جو حل پابنديون ۽ ٽڪراءُ نه، منصفاڻي، روادار ۽ جمهوري فيڊريشن آهي.