ڪراچي (رپورٽر) پاڪستان پيپلز پارٽي 4 اپريل تي شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي 46 هين ورسي جي موقعي تي ڳڙهي خدا بخش ڀٽو ۾ وڏو جلسو ڪرڻ جو اعلان ڪندي سنڌو درياهه تي 6 ڪينالن واري منصوبي کي رد ڪري ڇڏيو ۽ وفاقي حڪومت تي واضح ڪيو ته سنڌ کي انڊس ريور سسٽم تي ڪنهن به نئين ڪينال جو منصوبو قبول ناهي. پيپلز پارٽي اهو سمجهي ٿي ته ارسا ۾ وفاق ۽ هڪ صوبي جي اڪثريت جي بنياد تي سنڌ جي آئيني اعتراضن کي بلڊوز ڪيو پيو وڃي ان لاءِ وزيراعظم کان مطالبو ڪريون ٿا ته ارسا چيئرمين ۽ ارسا ۾ وفاق جو ميمبر سنڌ مان کنيو وڃي. اهڙا مطالبا وزيراعليٰ هائوس ۾ پيپلز پارٽي جي سنڌ ڪونسل جي اجلاس ۾ ڪيا ويا جنهن جي صدارت پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ڪئي . اجلاس ۾ پيپلز پارٽي سنڌ جي صدر نثار احمد کهڙو، وڏي وزير سيد مراد علي شاهه، سيد قائم علي شاهه، جنرل سيڪريٽري وقار مهدي، منظور وساڻ، سرفراز راڄڙ، نعمان شيخ، سعيد غني، سيد ناصر شاهه، شرجيل انعام ميمڻ، مڪيش ڪمار چاولا، ضياالحسن لنجار، آغا سراج دراني، لال چند اڪراڻي، شاهده رحماني سميت صوبائي عهديدارن، صوبائي وزير سميت ڊويزنل ۽ ضلعي عهديدارن شرڪت ڪئي. اجلاس کي صدارت ڪندي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته 4 اپريل تي شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي 46هين شهادت واري ڏهاڙي جي موقعي تي سڄي ملڪ جو عوام ڳڙهي خدا بخش ڀٽو جي جلسي ۾ ڀرپور شرڪت ڪري ڀيٽا پيش ڪندو. پيلز پارٽي سنڌ ڪونسل پاران ڪينالن خلاف ٺهراءَ جي حمايت ڪندي هن چيو ته پيپلز پارٽي سنڌو ڌرياءَ تي ڪينال منصوبي جي خلاف آهي ۽ پارٽي شروع کان وٺي ان منصوبي جي خلاف ڀرپور آواز اٿاريندي رهي آهي. هن چيو ته پيپلز پارٽي ئي پاڻي جي اشو سميت سنڌ جي حقن لاءِ عوام جي حقيقي نمائندي ڪئي آهي ۽ ڪندي رهندي. پيپلز پارٽي سنڌ جي صدر نثار کهڙي چيو ته ڇهن ڪينالن وارو منصوبو سنڌ کي بنجر بڻائڻ وارو منصوبو آهي ۽ سنڌ کي سنڌو درياهه تي ڪنهن کي ڪينال جو منصوبو قبول نه آهي ان لاءِ وفاقي حڪومت ڪينال منصوبي تان هٿ کڻڻ جو اعلان ڪري ۽ سنڌ جي آواز کي ٻڌڻ لاءِ سي سي آئي جو اجلاس گهرايو وڃي. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته سسٽم ۾ اڳ ئي پاڻي جي کوٽ آهي ته پوءِ انهن ڪينالن ۾ پاني ڪٿان آندو ويندو. هن چيو ته سنڌ جو مطالبو آهي ته پاڻي جي 1991 واري معاهدي تحت پاڻي جي ورهاست پيرا 2 تحت ڪئي وڃي. جنرل سيڪريٽري وقار مهدي چيو ته پيپلز پارٽي سنڌ ڌرياءَ تي ڇهن ڪينالن واري منصوبي جي ان وقت کان مخالفت ڪري رهي آهي ته جڏهن جي ڊي اي سميت ٻين جماعتن کي ان اشو بابت ڪا خبر ئي نه هئي. هن چيو ته پيپلز پارٽي سنڌ جي پاڻي ۽ سنڌ جي حقن تي ڪنهن کي به ڌاڙو هڻڻ نه ڏيندي. اجلاس ۾ قراردادون منظور ڪيون ويون. جنهن ۾ چيو ويو ته سنڌ ڪونسل جو اجلاس شهيد ذوالفقار علي ڀٽو کي 46هين ورسي جي موقعي تي ڀرپور خراج عقيدت پيش ڪري ٿو ۽ اهو عزم ورجايون ٿا ته 4 اپريل تي سڄي ملڪ مان لکين عوام ڳڙهي خدا بخش ڀٽو جي جلسي ۾ شرڪت ڪري شهيدن کي سلام پيش ڪندو. هڪ ٻي ٺهراءُ ۾ سنڌو درياهه تي 6 ڪينالن واري منصوبي کي رد ڪندي وفاقي حڪومت تي واضح ڪيو ويو ته سنڌ کي انڊس ريور سسٽم تي ڪنهن به نئين ڪينال جو منصوبوقبول نه آهي. قرارداد ۾ پيپلز پارٽي ۽ ارسا ۽ وفاق کان مطالبو ڪيو ته پاڻي جي 1991 ع واري معاهدي تحت پيرا 2 تحت ورهاست کي يقيني بڻائي سنڌ کي پنهنجي حصي جو پاڻي جو پورو پاڻي فراهم ڪيو وڃي ۽ ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم ۾ گهٽ ۾ گهٽ 10 ايڪڙ فوٽ پاڻي ڇڏيو وڃي ۽ ڇشما جهلم لنڪ ڪينال، تونسا پنجند لنڪ ڪينال جيڪي فلڊ ڪينال آهن انهن ڪينالن کي ٻوڏ کان علاوه وهائڻ بند ڪيو وڃي ۽ تونسا کان گڊو بيراج تائين پاڻي جي وهڪرن جي مانيٽرنگ لاءِ ٽيلي ميٽرنگ سسٽم لڳاويو وڃي. قرارداد منظوري ڪندي چيو ويو ته پيپلز پارٽي وفاقي حڪومت کي خبردار ڪري ٿي ته سنڌ 70 سيڪڙو زراعت پيدا ڪرڻ وارو صوبو آهي جيڪڏهن سنڌ کي گهٽ پاڻي فراهم ڪيو ويو ته فوڊ سيڪيورٽي جو مسئلو پيدا ٿيندو جنهن جي ذميدار وفاقي حڪومت هوندي ۽ پيپلز پارٽي اهو سمجهي ٿي ته ارسا ۾ وفاق ۽ هڪ صوبي جي اڪثريت جي بنياد تي سنڌ جي آئيني اعتراضن کي بلڊوز ڪيو پيو وڃي ان لاءِ وزيراعظم کان مطالبو ڪريون ٿا ته ارسا چيئرمين ۽ ارسا ۾ وفاق جو ميمبر سنڌ مان کنيو وڃي. قرار داد ۾ چيو ويو ته جي ڊي اي پاران ڪينالن واري معاملي تي پيلز پارٽي ۽ صدر زرداري تي الزام سياسي پوائنٽ اسڪورنگ ۽ عوام کي گمراهه ڪرڻ جي ناڪام ڪوشش آهن جن الزامن کي رد ڪريون ٿا. ان لاءِ پيپلز پارٽي سمجهي ٿي ته ڪالاباغ ڊيم جي حمايت ۾ مهم هلائڻ، ريليون ڪڍڻ ۽ مارشلائن کي دعوت ڏيڻ واري جي ڊي اي سنڌ جي عوام کان معافي گهري. اجلاس ۾ قرارداد منظور ڪندي اهو پڻ چيو ويو ته پاڻي تڪرار جي حل ۽ پاڻي منصوبن بابت آئيني فورم گڏيل مفادن واري ڪونسل (سي سي آئي) آهي جنهن جو هر ٽن مهينن اندر اجلاس گهرائڻ وفاق جي آئيني ذميداري آهي ان لاءِ وفاقي حڪومت سي سي آئي جو اجلاس گهرائي. هڪ ٻي قرارداد منظور ڪندي جعفر ايڪسپريس هائي جيڪنگ واري واقعي جي مذمت ڪندي واقعي جي دهشتگردن کي بهادري سان شڪست ڏيڻ تي سيڪيورٽي فورسز ۽ پاڪ فوج کي خراج تحسين پيش ڪيو ويو. اجلاس ۾ پيپلز پارٽي جي ميمبرن پاران چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، صدر آصف علي زرداري ۽ فريال ٽالپور جي قيادت تي اعتماد جو اظهار ڪندي اهو عزم ورجايو ويو ته پيپلز پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي قيادت ۾ شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي وزن تحت پارليامينٽ، آئين ۽ قانون جي بالادستي سميت خوشحال سنڌ ۽ خوشحال پاڪستان لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندي رهندي.