ڪراچي/حيدرآباد/سکر(نمائندا)سنڌوءَ تي ڪئنالن خلاف سنڌ سراپا احتجاج بڻيل،مظاهرن،ريلين،ڌرڻن جو سلسلو جاري مانجهند مان بابو عمراڻي موجب سن ۾ قومپرست ڪارڪنن سول سوسائٽي مذهبي تنظيمن جي ڪارڪنن شاگردن طرفان سنڌو درياهه تي ڪئنال ڪڍڻ خلاف شاهي بازار مان ريلي ڪڍي سائين جي ايم سيد چوڪ تي ڌرڻو هنيو ويو ان موقعي تي سائين جي ايم سيد جي پڙپوٽي سيد فيض حيدر شاھ، ايس يو پي اڳواڻ انور مڱڻهار، جسقم جي تراب علي شاهه،نعمت الله شاهاڻي،غلام علي عمراڻي،شيعا علما ڪائونسل اڳواڻ مولوي علي بخش برهماڻي، عبدالحميد کماڻ ۽ ٻين ريلي کي خطاب ڪيو، شاگردياڻين قومي گيتن تي رقص ڪري درياهه کي ڀيٽا پيش ڪئي هوڏانهن ڳوٺ وڏا ڇڇر ۾ ايس يو پي ڪارڪنن امام الدين ڇڇر، مولا بخش ڇڇر، غلام حسين سومرو جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي،قاضي احمد مان مومن جوڻو موجب مرڪزي امام بارگاھ شاھ نجف قاضي احمد کان پريس ڪلب تائين احتجاجي ريلي ڪڍي وئي ان موقعي تي شيعا اڳواڻ مولانا امير حسين ساجدي زوار جاويد علي راھو حسيني شيرمحمد جوکيو سرمد علي ٽانوري زوار علي گل جوڻيجو زوار قربان علي ملاح زوار محبوب علي جوڻيجو ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته ڪئنالن کي اسان رد ڪرڻ جي گهر ڪيون ٿا ٻھارا مان احمدعلي جي رپورٽ موجب ٻھارا جي سياسي سماجي قوم پرست تنظيمن شھرين واپارين جي اڳواڻن وائيس چئرمين عبدالشڪور قمبراڻي ايس ٽي پي جي محمد صالح ملاح رسول بخش عمراڻي قومي عوامي تحريڪ جي حبيب الله پليجو عبدالغفور سومرو عوامي تحريڪ جي عبدالستار پليجو،جاني خاصخيلي، محمد رمضان کٽي، محمد الياس جوکيو، رحيم خاصخيلي، محمد خان رند، واپاري انجمن جي اندر سنگھ، پرويز سونارو، نصير خاصخيلي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي ڌرڻو هنيو ويو،سکر ۾ ايس ٽي پي پاران ڊويزنل صدر محمد علي شيخ جي اڳواڻي ۾ سڍر جي گلوبل چوڪ کان سنڌو دريا جي ڪپ تائين ريلي ڪڍي وئي ان موقعي تي ادريس ڪٽپر، ظفرالله، قربان چوھاڻ، واحد کوسي ۽ ٻين خطاب ڪيوڪوٽڏيجي ۾ صحافي ثناء الله بگٽي، امام علي شاھ ، امان الله بگٽي، جيئي سنڌ قومي محاذ ضلع اڳواڻ ڪامريڊ حيدر خان چانڊيو ايڊوڪيٽ سجاد حسين سولنگي جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي، ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته سنڌو درياءَ اسان جي زندگي جو جياپو آهي جنهن تي ڌاڙو اسان قبول نه ڪنداسين ڄامشوري ۾ سنڌو درياهه تي ڪئنال سمورا نامنظور جي سري سان فنڪار برادري طرفان ڳائي وڄائي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، ڄامشورو ڦاٽڪ تي آسا ضلعي ڄامشورو پاران احتجاجي ريلي ڪڍي وئي جنهن ۾ سنڌ جي قومي راڳين دانش منظور ٿهيم سرمد اياز،حاڪم چانڊيو،علي مراد جتوئي، سڪندر بڙدي، سرور سخيراڻي،وسيم سمون،طارق آڪاش،ايم بچل ڪلهوڙو،لياقت سهارڻ،سرويچ انورچانڊيو،دلبر عرس چانڊيو،محبوب ميرجت،منظورچانڊيو،لڪي رياض عمراڻي،معشوق پرياڻي،سجاد تيوڻو،چينسر تيوڻو،ساجد سنڌي شاعر شاعر ميول سولنگي،عامرخاصخيلي، طالب چانڊيو،سڄڻ چانڊيو، فنڪار ميوزيشنس هڪ آواز ٿي ڪئنالن خلاف ڀرپور آواز اٿاريندي اڀ ڏاريندڙ نعريبازي ڪئي. احتجاجي ريلي ۾ حمايت طور صحافين عرفان برفت، حاڪم چانڊيو، ايس ٽي پي اڳواڻ ساگر عالماڻي، سماجي اڳواڻن شيخ عبدالله ڪوهستاني، اين بي کوسو سوڌو شهرين پڻ وڏي انگ ۾شرڪت ڪئي، کپرو ۾ عالم آباد ‘ ٿڌو مشين سرنواري کان جسقم ۽ قومپرست پارٽين جي سڏ تي سنڌ جي شعور پاران سنڌو دريا مان نڪرندڙ 6 ڪئنالن خلاف آزاد ڪنڀر ‘ اڪبر مري جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي، ان موقعي تي ڪارڪنن ۽ سماجي اديبن شاعرن خطاب ڪندي چيو ته سنڌ جي ماڻهن ڪالاباغ ڊيم ٺھڻ ڪونه ڏنو سنڌو درياء مان ڪئنال ڪڍڻ واري سازش ناڪام بنائينداسين راڻي پور مان فياض حسين راڄپر موجب شاگردن وڪيلن سول سوسائٽي پاران مظھر ماڊل اسڪول راڻيپور کان ريلي ڪڍي وئي جيڪا قومي شاھراھ کان ٿيندي پريس ڪلب راڻيپور پھتي جتي احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو جنھن جي اڳواڻ شاھزيب شاھاڻي مجيب آزاد ڀيلار ساجد مڱريو آصف ڄامڙو ڪري رھيا ھيا ٻئي پاسي جيئي سنڌ محاذ پاران نوابشاه پريس ڪلب آڏو 8 ڏينهن به احتجاج ڪري علامتي بک هڙتال ڪئي وئي ڪئمپ تي جيئي سنڌ محاذ جي چيئرمين رياض چانڊيو پهچي بک هڙتال ختم ڪرائي جنهن بعد رياض چانڊيو نوابشاهه پريس ڪلب ۾پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته اسان جي قومي ڪارڪن امتياز ڀٽي سميت کنڀي گم ڪيل قومي ڪارڪنن کي ظاهر ڪري آزاد ڪيو وڃي ھن چيو ته 14 مارچ درياهن جي عالمي ڏينهن کي پهريون ڀيرو سنڌ واسين ملھائيندي درياھ کي ڪروڙين ماڻهن ان کي گلن جي ڀيٽا ڏئي احتجاج ڪري پنهجو ريفرينڊم ڏئي ڇڏيو ته درياهه تي ڪا به سوديبازي نه ڪبي هن چيو ته پيپلز پارٽي ڊراما ڪري رهي آهي هينئر سنڌ جي ماڻهن جو پيپلزپارٽي تان ويساهه کڄي ويو آهي هن چيو ته اسان سنڌ پرست پارٽين سان رابطا ڪري رهيا آهيون ممڪن آهي ته پنجاب جا سڀ روڊ رستا اڻ اعلانيل مدي تائين بند ڪري سڄي سنڌ ۾ شٽر بند هڙتال ڪري ڇڏيون ان موقعي تي مرڪزي اڳواڻ انجنيئر پرديپ ڪمال مھر الاهي بخش چاچڙ ۽ٻيا گڏ هئا