مصطفيٰ قتل ڪيس جي مک جوابدار ارمغان خلاف گهيرو تنگ

ڪراچي (رپورٽر+م ڊ) ڊفينس ۾ مصطفيٰ عامر جي قتل ڪيس جي مک جوابدار ارمغان خلاف گهيرو تنگ ڪيو ويو، جڊيشل مجسٽريٽ ڏکڻ جي عدالت مصطفيٰ عامر اغوا ۽ قتل ڪيس جي ٻڌڻي دوران عدالت پراسيڪيوشن جنرل سنڌ کان  جوابدار ارمغان خلاف داخل ڪيسن جا تفصيل طلب ڪري ورتا. پراسيڪيوٽر جنرل سنڌ ضلعي پراسيڪيوٽر جنرل کان رپورٽ طلب ڪري ورتي. پراسيڪيوشن جوابدار ارمغان خلاف داخل سمورن ڪيسن جا تفصيل گهري ورتا. ٻئي پاسي سي آءِ اي پوليس جاچ دوران ارمغان جي گهر مان هٿ آيل 63 ليپ ٽاپن ايف آءِ اي سائبر ڪرائن ونگ حوالي ڪري ڇڏيا. ايف آءِ اي عملدارن موجب جوابدارن وٽان هٿ ڪيل ليپ ٽاپن مان ڊليٽ ڪيل ڊيٽا به ريڪور ڪئي ويندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.