ڪئنالن ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ خلاف بٺوري ۾ مارچ

ميرپوربٺورو (ن ع آ) سنڌو درياھ مان 6 نوان ڪئنال ڪڍڻ ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ خلاف قومي عوامي تحريڪ سجاول ضلعي جي آرگنائيزر پنھل سولنگي، قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي ترجمان اشرف پليجو،غلام حسين سولنگي، زين سومرو، عبدالمجيد چانگ، غلام رسول سولنگي،عبدالغني سولنگي، غفور ميمڻ،خالد کٽي،يوسف لاشاري،علي  حسن لاشاري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ سوين ماڻهن جعفر خواجہ پبلڪ پارڪ بٺورو کان پيادل مارچ ڪري مين بس اسٽاپ تي ڌرڻو هنيو ويو ڌرڻي سبب ڪراچي  حيدرآباد روڊ بند ٿي ويو جنھن جي نتيجي وڏي انگ ۾ گاڏين جون قطارون لڳي ويون. ان موقعي تي خطاب ڪندي پنھل سولنگي خطاب چيو ته پيپلز پارٽي ۽ آصف زرداري 6 ڪئنالن جي منظوري ڏني آھي. سنڌ ۾ شديد احتجاجي لھر کانپوءِ عوام کي بيوقوف بنائڻ لاءِ زباني مخالفت جا بيان ڏنا پيا وڃن. اشرف پليجي خطاب ڪندي چيو ته سنڌو درياھ مان ڇھ نوان ڪئنال ڪڍڻ سان سنڌ ويران ٿي ويندي سنڌ جا ماڻهو صوماليا جي ماڻهن کان به بدتر زندگي گذارڻ تي مجبور ٿي ويندا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.