ڪئنالن ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ خلاف عوامي تحريڪ ۽ سنڌياڻي تحريڪ طرفان نئون ڪوٽ ۾ مارچ

نئون ڪوٽ (ن ع آ) سنڌو درياهه مان 6 ڪئنال ڪڍڻ ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ ذريعي لکين ايڪڙ زمين تي قبضن خلاف عوامي تحريڪ ۽ سنڌياڻي تحريڪ طرفان گلن جي موري کان نئون ڪوٽ جي خواجه چوڪ تائين 3 ڪلوميٽر پيادل مارچ ڪيو ويو، مارچ جي اڳواڻي عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر ايڊووڪيٽ وسند ٿري، لال جروار، ايڊووڪيٽ اياز ڪلوئي، اياز کوسو، اوڀايو جوڻيجو، سنڌياڻي تحريڪ جي اڳواڻ زبيده ڪلوئي عظمت ڪلوئي، ممتاز جوڻيجو، رمضان ڪلوئي ۽ ٻين ڪئي اڳواڻن چيو ته سنڌو درياهه تي 6 نوان ڪئنال اڏڻ 7 ڪروڙ سنڌين جي نسل ڪشي جو منصوبو آهي. پنجاب جا حڪمران گذريل ڏيڍ سئو سالن کان سنڌ جي پاڻيءَ تي ڌاڙا هڻڻ لاءِ ڪئنال ۽ ڊيم ٺاهي رهيا آهن. صدر زرداري ڇهه نون ڪئنالن ۽ ارسا ايڪٽ ترميم جي منظوري ڏئي سنڌو درياهه جو سودو ڪيو آهي، پيپلز پارٽي اقتدار خاطر سنڌو درياهه ۽ سنڌ جون زمينون وڪرو ڪري رهي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.