اوٻاوڙو ۾وڪيلن جو ڪئنالن خلاف سنڌ-پنجاب بارڊر تي ڌرڻو

اوٻاوڙو ( ن ع آ) اوٻاوڙو سنڌو تي 6 تڪراري ڪئنال اڏڻ سرسبز سنڌ کي بنجر بڻائڻ جي سازش خلاف گهوٽڪي ڊسٽرڪٽ بار جي سڏ تي صدر لياقت ملاڻو جي اڳواڻي ۾ گهوٽڪي بار، ميرپور ماٿيلو بار، ڏهرڪي بار جي وڪيلن  برادري جو ريلي جي صورت ۾ اوٻاوڙو باءِ پاس تي پھتا جتي اوٻاوڙو بار جي صدر قادر بخش ڀٽي جي اڳواڻي ۾ اوٻاوڙو جي وڪيلن  برادري ريلي ۾ شريڪ وڪيلن  جو شاندار استقبال ڪيو گلن جي ورکا ڪئي جنهن بعد احتجاجي ريلي ڪڍي سنڌ پنجاب دنگ تي پھچي تاريخي ڌرڻو ھڻي قومي شاھراهه  ٻنهي پاسن کان  ٽن ڪلاڪن تائين بند ڪري احتجاجي ڌرڻو هنيو ويو جتي وڪلا برادري پاران سنڌو تي ڌاڙو نامنظور نامنظور جا نعرا ھڻندا رھيا، ان موقعي تي گهوٽڪي ڊسٽرڪٽ بار جي صدر لياقت علي ملاڻو، اوٻاوڙو  بار جي صدر قادربخش ڀٽي جنرل سيڪريٽري غلام مرتضي سميجو ۽ ٻين اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته سنڌو مان 6 نوان ڪئنال ڪڍي سنڌ جون سرسبز زمينون بنجر بڻائڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي ، پنجاب پنھنجي ذاتي مفادن خاطر سنڌو تي ڪئنال ٺاھڻ سنڌ سڪائڻ جي سازش جو حصو بڻيل آھي سنڌ ڌرتي ۽ ھر سازش کي ناڪام بڻائينداسون، جيڪڏهن سنڌو مان 6 ڪئنال ڪڍڻ واري منصوبي کي ختم نه ڪيو ويو ته وڪيل برادري اسلام آباد جو رخ ڪري سپريم ڪورٽ اڳيان ڌرڻو ھڻنداسون  ۽ سنڌو تي ڌاڙي خلاف آخري گھڙي تائين ڀرپور مزاحمت به ڪنداسون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.