ڪراچي/حيدرآباد/ سکر(نمائندا ) سنڌي ادبي سنگت حيدرآباد جي سڏ تي سنڌوءَ مان ڪينال ڪڍڻ ۽ زمينن جي والار خلاف اديبن، شاعرن، وڪيلن، عورتن، انساني حقن جي ڪارڪنن، سياسي ۽ سماجي اڳواڻن پاران اولڊ ڪيمپس کان حيدرآباد پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي وئي. ريلي ۾ ناميارو اديب تاج جويو، سليم چنا، نصير مرزا، سيد زوار نقوي، گل سنڌي، ڊاڪٽر عزيز، واحد ڪانڌڙو، لطيف ملاح، انور ساگر ڪانڌڙو، ايڊووڪيٽ سچل اعواڻ، پروفيسر قادر بخش مگسي، مولابخش محبتي، دريا خان پيرزادي، پروفيسر امداد چانڊيو، ايڊووڪيٽ محب آزاد، عرس اوٺو، ناز سنائي، خالد جوڻيجو، پروفيسر امير چانڊيو، بشير سيال، شبير شاھه، ساجد سنڌي، نذير ناز، نسيم جلباڻي، شاھده امير چانڊيو، رضيه شھوڪ، نيلو فر ڀٽو، ، محمد حنيف صحرائي، امتياز رند، رحمت سومرو، شيرل گوپانگ، ستار سروھي، شڪيل جنجھي، لال بخش لغاري، ساجد چانڊيو، منظور ڪالرو، ڊاڪٽر دين محمد ڪلھوڙو، عبدالرحمان سيال، قطب لھر، سکر لاشاري غلام حسين خاصخيلي ٻيا وڏي تعداد ۾ شريڪ ٿيا. ان موقعي تي مظاھري کي تاجي جويي، نصير مرزا، سليم چنا، امير چانڊيي، واحد ڪانڌڙي، امداد چانڊيي، انور ساگر ڪانڌڙي، شاھده امير، نسيم جلباڻي ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته سنڌو درياھه سنڌي قوم جي شھ رڳ ۽ جياپي جو وسيلو آھي. ان تان ئي سنڌ توڙي ھند تي نالو پيو. هنن چيو ته آصف زرداري جي قومي اسيمبلي واري تقرير ۽ سنڌ اسيمبلي جو ڪينالن خلاف ٺھراءُ سنڌي قوم جي احتجاج ۽ دٻاءُ جو نتيجو آھي ۽ اھو سڀ ڪجھ ان وقت تائين بي اثر آھي جيسيتائين وفاقي حڪومت قومي اسيمبلي مان ٺھراءُ پاس نه ٿي ڪري ۽ سنڌوءَ مان ڪينالن نه ڪڍڻ جو نوٽيفڪيشن جاري نه ٿي ڪري۔ اڳواڻن سنڌي قوم سان گڏجي عوامي دٻاءُ ۽ جدوجھد جاري رکڻ جو عزم ورچايو. جي ڊي اي ۽ مختلف سياسي سماجي پارٽين جي سڏ تي دريائن جي عالمي ڏينهن تي سنڌو درياءۡ مان 6 ڪئنال ڪڍڻ ۽ سنڌ جون زمينون پنجاب کي ڏيڻ خلاف تين تلوار چوڪ کان پريس ڪلب عمرڪوٽ تائين احتجاجي ريلي ڪڍي وئي جي ڊي اي ۽ مختلف سياسي سماجي پارٽين جي سڏ تي دريائن جي عالمي ڏينهن تي احتجاجي ريلي ۾ جي ڊي اي جي فقير غلام نبي منگريو، شاعر حاجي ساند, گل بجير, علي رضا راجڙ، ميهار بنگلاڻي, پ ٽ آءۡ اڳوڻي ايم اين اي لال مالهي, مير حسن آريسر, ڪامريڊ رمضان خاصخيلي, صالح آريسر، غلام مصطفي کوسو، بار جي صدر شريف ڀيل، ميان بخش کوسو،محمد يوسف منڳريو، پريس ڪلب جي صحافين سميت مختلف سياسي سماجي پارٽين جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪري سنڌو درياءۡ تي ڌاڙو نامنظور سنڌ سُڪائڻ بند ڪريو جا زوردار نعرا هنيا. مانجهند ۾ سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي مرڪز پاران ڏنل سڏ تي مانجهند ۾ ايس يو پي ڪارڪنن ضلعي صدر خدا بخش ٿيٻو، تعلقه مانجهند جي صدر عبدالطيف پنهور. ٽائون مانجهند جي اڳواڻ محمد يوسف عمراڻي رحمان چانڊيو بابل لطيف کوسو اعجاز ميمڻ محرم خاصخيلي سهيل ڀٽي جي اڳواڻيءَ ۾ سنڌو درياء مٿان اڏجندڙ ڇھ ڪئنالن خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري مين چوڪ تي 3 ڪلاڪ نٽهڻ اس ۾ ڌرڻو هنيو ويو احتجاجي مظاهري ۾ ايس يو پي ايس ٽي پي جسقم ڪارڪنن سميت وڏي تعداد ۾ شهرين سول سوسائٽي، سماجي ڪارڪنن توڙي شاگردن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪري سنڌو درياء سان محبت جو اظهار ڪيو. هُنن چيو ته پيپلزپارٽي سموري سنڌ جو ڪروڌ ڏسي پوئتي هٽي آھي جيڪو اسين سمجهون ٿا اسان جي جدوجهد جي ننڍڙي ڪاميابي آھي هنن چيو ته پيپلزپارٽي جيڪڏھن ڪئنالن جي خلاف آھي ته پوءِ ن-ليگ جي حُڪومت کان ڌار ٿئي ڇاڪاڻ جو سنڌو درياء تي ڌاڙو هڻندڙن سان حُڪومتي اتحاد غير فطري آھي. ميرپورماٿيلو سنڌ جي عظيم محافظ سنڌوء درياھ مان 6 نوان ڪئنال ڪڍڻ واري سنڌ دشمن منصوبي خلاف قوم پرست پارٽين پاران ميرپورماٿيلو باء پاس نيشنل ھاء وي بند ڪري احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو ، سنڌ پنجاپ ڏانھن ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ معطل ، سنڌ دشمن منصوبو رد ڪرڻ جو مطالبو ٻي صورت ۾ سنڌ پنجاپ بارڊر تي ڌرڻو ھڻي پنجاپ جا رستا مڪمل طور بند ڪرڻ جو اعلان تفصيل موجب ،ميرپورماٿيلو سنڌ جي عظيم محافظ سنڌو درياھ مان 6 نوان ڪئنال ڪڊڻ واري سنڌ دشمن منصوبي خلاف دريائين ۽ ندين جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي قوم پرست پارٽين جي اڳواڻن پاران ميرپورماٿيلو باء پاس تي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو ھڻي وفاقي حڪومت ۽ سنڌ حڪومت خلاف سخت نعريبازي ڪئي جنھن سبب سنڌ پنجاب ڏانھن ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ ڪيترن ئي ڪلاڪن تائين معطل ٿي وئي ان موقعي تي ميڊيا سان جسقم گھوٽڪي ضلعي جي اڳواڻ فقير رمضان ڪلوڙ،سھيل ڪلوڙ،اڪرم ميتلو نور الدين سومرو، وحيد سنڌي ، اظھر ڪلوڙ ۽ ٻين چيو ته سنڌو درياءَ مان 6 نوان ڪئنال ڪڍڻ واري منصوبي کي اسين رد ڪريون ٿا. جيڪب آباد ۾ سنڌو درياھ جي عالمي ڏهاڙي تي وفاق حڪومت پاران زبردستي سنڌو مان 6 ڪئنال ڪڍڻ خلاف ٺل ۾ مختلف قومپرست پارٽين جي اڳواڻن جسقم جي اڳواڻ وسيم قريشي۔ مامو شمن سومرو۔ايس يو پي جي اڳواڻ جمال جوش ٻرڙو۔غلام حسين ڪنراڻي۔ايس ٽي پي۔جي اڳواڻ عبدالغفور ٻرڙو۔محمد بخش بروهي۔ جي يو آئي۔ جي امير ڊاڪٽر خليل احمد کوسو۔سيد محمد شاھ۔سنڌي ادبي سگنت۔نفيس سومرو۔جاويد ساغر بروهي۔جسم رياض چانڊيو۔برڪت لاشاري۔شعيب سنڌي۔بشير سرڪي۔جماعت اسلامي جي اڳواڻ امداد الله بجاراڻي۔عابد لاشاري۔لبيڪ تحريڪ پاڪستان جي اڳواڻ مولانا احسان سرڪي۔ آبادگار جي ذوالفقار سومرو۔ ڪامريڊ عبدالوهاب بنگلاڻي ۽ سماجي اڳواڻن خورشيد احمد سومرو۔مزدور يونين جي اڳواڻ عبدالحميد ٻرڙو۔سکيو خان ڪنراڻي ۽ ٻين پاران پنهنجي پارٽين جا جهنڊا ۽ پينافليڪس هٿن ۾ کڻي مختلف هنڌن کان ڌار ڌار ريليون ڪڍيون ويون. سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي طرفان سنڌو تي 6 نوان ڪئنال اڏجڻ خلاف ٽنڊو محمد خان ۾ پيادل مارچ ، احتجاج ، ڌرڻو ، ڌرڻي ۾ مردن سان گڏ عورتون شامل ، ٽنڊو محمد خان ۾ سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي طرفان سنڌو تي 6 نوان ڪئنال اڏجڻ خلاف ايس يو پي جي مرڪزي اڳواڻ سيد بشير شاھ ، ضلعي صدر عمران لغاري ، امتياز نوناري ، مختيار خاصخيلي ۽ ٻين جي اڳوڻي ۾ شهيد هوش محمد چوڪ کان احتجاجي جلوس ڪڍي پيادل مارچ ڪري مختلف علائقن مان سنڌو تي ٺهندڙ ڪئنالن خلاف نعريبازي ڪندي ٽنڊو محمد خان پريس ڪلب جي ڦليلي روڊ تي احتجاجي ڌرڻو هنيو ، احتجاجي ڌرڻي کي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته دنيا جي ڪنهن به قانون ۾ هڪ صوبو ٻي صوبي جي عوام جو پاڻي بند ڪري نٿو سگهي، هڪ صوبي جي غيرآباد بنجر وارياسي زرعي زمين کي آباد ڪرڻ لاءِ سنڌ صوبي جي لکين ايڪڙ آبادي واري زمين کي غيرآباد ڪرڻ ۽ عوام کي پيئڻ جي پاڻي کان محروم ڪرڻ واري سازش ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪئي ويندي ، ڪئنال ٺاهڻ وارو سلسلو بند نه ڪيو ويو ته سنڌ جو احتجاج اسلام آباد جي ايوانن آڏو سرآپا احتجاج ۾ تبديل ٿي ويندو ، احتجاجي مظاهري ۾ ايس يو پي جي مرد ڪارڪنن سان گڏ ليڊيز ونگ جون عورت ڪارڪن پڻ شامل رهيون . سنڌو درياءَ مان 6 نوان ڪئنال ڪڍڻ ۽ گرين پاڪستان جي نالي تي لکين ايڪڙ زمين ڏيڻ خلاف سنڌو درياءَ بچايو تحريڪ جي مرڪزي سڏ تي مختلف سياسي سماجي تنظيمن پاران ڦوھارا چونڪ کان سکر پريس ڪلب تائين احتجاجي ريلي ڪڍي وئي ريلي جي اڳواڻي عيدن جاگيراڻي ، فقير عنايت ٻرڙو ، علي تقي، ماجد ڏنور، اسلام الدين انڙ ۽ ٻين ڪئي، ان موقعي تي 6 ڪئنالن ۽ زمين تي قبضي خلاف سخت نعريبازي ڪندي اڳواڻن چيو تہ سنڌو درياءَ مان نڪرندڙ 6 نوان ڪئنال سنڌ کي ڀڙڀانگ ڪرڻ جي سازش آھي، جنھن عمل سان سنڌ مڪمل طور تي بنجر بڻجي ويندي. سنڌو درياءُ ۾ اڳ ئي پاڻي جي کوٽ ھجڻ سبب ٺٽي، بدين جي لاڙ پٽي جا علائقا بدترين پاڻي کوٽ کي منھن ڏئي رھيا آھن رھواسين وٽ پيئڻ لاءِ پاڻي بہ ميسر ناھي، سمنڊ تيزي سان سنڌ جي زمين ڳڙڪائي رهيو آھي تمر جا ٻيلا ختم ٿي ويا آهن ڪئنال ٺهڻ سان بيئراجي علائقا ريگستان ۾ تبديل ٿي ويندا . سکر ۾ سنڌو درياھ مان 6 نوان ڪئنال ڪڍڻ خلاف درياهن جي عالمي ڏينهن 14 مارچ تي سکر مختلف سياسي، سماجي ، مذھبي ڌرين سميت وڪيل برادري پاران احتجاجي ريليون، مظاهرا، سنڌو کي گلن ۽ لفظن جي ڀيٽا پيش ڪئي، ان سلسلي ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ بار ايسوسيئيشن ۽ ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئيشن سکر پاران سنڌو درياهه مان غيرقانوني ڪئنال ڪڍڻ ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ خلاف پرامن احتجاجي ريلي ڪڍي وئي. ريلي ضلعي بار سکر کان شروع ٿي سکر پريس ڪلب کان ٿيندي زيرو پوائنٽ سنڌو درياھ جي مقام تي ختم ٿي ريلي ۾ وڪيلن جي وڏي انگ شرڪت ڪئي.جڏهن ته سنڌ ايريگيشن ٽريڊ يونين متحده فيڊريشن سنڌ جي چيئرمين خادم حسين کوسو، بئراج ڊويزن جي صدر عبدالنبي جاگيراڻي ھادي بخش ميراڻي، شڪيل احمد ڏھر، مھراب خان جتوئيءَ، پاڪستان ورڪرز فيڊريشن ۽ لوڪل گورنمنٽ ايپلائيز يونين سنڌ جي اڳواڻ علي مردان شيخ ۽ ٻين سنڌوءَ درياه کي گلن جي ڀيٽا پيش ڪئي، ممتاز سياسي سماجي اڳواڻ ايڊوڪيٽ سيد شفقت علي شاھ درياهن جي عالمي ڏينهن تي سنڌو درياھ کي لفظن جي ڀيٽا پيش ڪندي چيو ته سنڌو سان ئي هزارين سال سنڌ جي پراڻي تهذيب جي سڃاڻپ آھي سنڌو متان ڪوبه ڪئنال قبول نه ڪيو ويندو، ان موقعي تي وڪيل برادري جي احتجاجي ريلي جي قيادت سينئر وڪيل سپريم ڪورٽ شبير شر، صدر هاءِ ڪورٽ بار ايسوسيئيشن قربان علي ملاڻو، صدر ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئيشن سيد نويد احمد شاهه، جنرل سيڪريٽري هاءِ ڪورٽ بار ايسوسيئيشن آچر خان گبول ۽ جنرل سيڪريٽري ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئيشن سندر خان چاچڙ ريلي کي خطاب ڪندي وڪيلن جي اڳواڻن چيو ته سنڌ کي ان جي پاڻي جي جائز حقن کان محروم ڪيو پيو وڃي جنهن سبب صوبو سخت پاڻي جي بحران ڏانهن وڌي رهيو آهي. ارسا (انڊس ريور سسٽم اٿارٽي) جي ضابطن ۽ پاڻي جي ورهاست جي معاهدن جي ڀڃڪڙي ٿي رهي آهي جنهن جي نتيجي ۾ سنڌ ۾ پاڻي جي سخت کوٽ، ڏڪار، زراعت ۽ معيشت تي تباهه ڪندڙ اثر پيو آهي.سنڌو درياءَ تي غير قانوني ڪينال ڪڍي سنڌ جي عوام سان ناانصافي ڪئي پئي وڃي جيڪا ڪنهن به صورت ۾ قبول ناهي. هن وڌيڪ چيو ته اسان هر فورم تي سنڌ جي پاڻي جي حق لاءِ آواز بلند ڪنداسين ۽ ڪنهن به غير قانوني قدم خلاف قانوني ڪارروائي کان پاسو نه ڪنداسين.. سنڌو درياءُ ۾ اڳ ئي پاڻي جي کوٽ ھجڻ سبب ٺٽي، بدين جي لاڙ پٽي جا علائقا بدترين پاڻي کوٽ کي منھن ڏئي رھيا آھن رھواسين وٽ پيئڻ لاءِ پاڻي بہ ميسر ناھي، سمنڊ تيزي سان سنڌ جي زمين ڳڙڪائي رهيو آھي تمر جا ٻيلا ختم ٿي ويا آهن ڪئنال ٺهڻ سان بيئراجي علائقا ريگستان ۾ تبديل ٿي ويندا ڪئنال ڪڍڻ سان سنڌ ۾ ميتن کي غسل ڏيڻ جيترو پاڻي به نه ملندو. سنڌو درياھ سنڌين جو واحد جياپي ذريعو آھي هڪ طرف ڪئنال ڪڍيا پيا وڃن ته ٻئي طرف ڪمپني سرڪار آصف زرداري گرين پاڪستان انيشيٽو ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي سان طاقتور قوتن کي سنڌ جي لکين ايڪڙ زمين ڏني آھي جيڪا اسان هزارها سالن کان سنڌ جي عوام جي ملڪيت آھي آصف زرداري اها زمين طاقتور قوتن کي اقتدار عيوض ڏني آھي اها الاٽمينٽ رد ڪئي وڃي، هنن وڌيڪ چيو ته آصف زرداري جو بيان کليل دوکو، فريب آھي وڌيڪ ڪئنال ڪڍڻ سان سنڌ جي زراعت، معيشت ۽ ماحول کي ناقابل تلافي نقصان پهچندو ھنن مطالبو ڪيو تہ سنڌو درياءُ مان 6 نوان ڪئنال ٺاھڻ وارو فيصلي سميت ڏنل زمين واپس ورتي وڃي.نڌ يونائيٽيڊ پارٽي طرفان سنڌو تي 6 نوان ڪئنال اڏجڻ خلاف ٽنڊو محمد خان ۾ پيادل مارچ ، احتجاج ، ڌرڻو ، ڌرڻي ۾ مردن سان گڏ عورتون شامل ، ٽنڊو محمد خان ۾ سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي طرفان سنڌو تي 6 نوان ڪئنال اڏجڻ خلاف ايس يو پي جي مرڪزي اڳواڻ سيد بشير شاھ ، ضلعي صدر عمران لغاري ، امتياز نوناري ، مختيار خاصخيلي ۽ ٻين جي اڳوڻي ۾ شهيد هوش محمد چوڪ کان احتجاجي جلوس ڪڍي پيادل مارچ ڪري مختلف علائقن مان سنڌو تي ٺهندڙ ڪئنالن خلاف نعريبازي ڪندي ٽنڊو محمد خان پريس ڪلب جي ڦليلي روڊ تي احتجاجي ڌرڻو هنيو ، احتجاجي ڌرڻي کي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته دنيا جي ڪنهن به قانون ۾ هڪ صوبو ٻي صوبي جي عوام جو پاڻي بند ڪري نٿو سگهي، هڪ صوبي جي غيرآباد بنجر وارياسي زرعي زمين کي آباد ڪرڻ لاءِ سنڌ صوبي جي لکين ايڪڙ آبادي واري زمين کي غيرآباد ڪرڻ ۽ عوام کي پيئڻ جي پاڻي کان محروم ڪرڻ واري سازش ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪئي ويندي ، ڪئنال ٺاهڻ وارو سلسلو بند نه ڪيو ويو ته سنڌ جو احتجاج اسلام آباد جي ايوانن آڏو سرآپا احتجاج ۾ تبديل ٿي ويندو ، احتجاجي مظاهري ۾ ايس يو پي جي مرد ڪارڪنن سان گڏ ليڊيز ونگ جون عورت ڪارڪن پڻ شامل رهيون . سنڌوءَ مان ڪينال ڪڍڻ خلاف نصيرآباد ۾ ڪارا توا کڻي احتجاجي ريلي، سوين ماڻھن جي شرڪت، سخت نعريبازي رپورٽ موجب سنڌو درياھ مان تڪراري ڪينال ڪڍڻ خلاف ڪالھ درياھ بچايو تحريڪ نصيرآباد طرفان نوناري محلي کان زبردست احتجاجي ريلي ڪڍي وئي ريلي ۾ شھر جي سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن، ڪارڪنن، هارين، آبادگارن ۽ شھرين سون جي تعداد ۾ شرڪت ڪئي ريلي ۾ شريڪ ماڻھو پنھنجي ھٿن ۾ ڪارا توا، بينر، پلي ڪارڊ ۽ جھنڊا کڻي مختلف رستن جو گشت ڪندا تعلقہ پريس ڪلب تائين پھتس جتي ڇھن ڪينالن خلاف سخت نعريبازي ڪئي وئي ان موقعي تي اڳواڻن سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي ڊاڪٽر محب ڦلپوٽي، فقير علي گل ڪانڌڙي، پ پ شھيد ڀٽو جي ڪامريڊ يوسف پتوجي، قومي عوامي تحريڪ جي ضمير مغيري، جمعيت علماءِ اسلام جي عبدالقادر ٽڳڙ، جسقم جي بشير باغي، جسقم آريسر جي امجد سنڌي، عوامي ورڪرز پارٽي جي ڪامريڊ رياض ڦلپوٽي، عوامي جمھوري پارٽي جي جبار آزاد منگي، شھري اتحاد جي عنايت تنئي، پ ٽ الف جي سائين احمد علي واھوچي، سنڌ سڀا جي زيب مغيري، ڪمنان جي صوفي غفار چني، نوجوان اتحاد جي ساگر چانڊئي، جنگي واھ نوجوان اتحاد جي عارف بروهي ۽ سماجي اڳواڻ سائين اشفاق مسڻ خطاب ڪندي چيو تہ سنڌو درياھ تي ڪو بہ نئون ڪئنال منظور ناهي سنڌو کي اسان پنھنجو پالڻھار سمجھون ٿا جيڪو ڪروڙين انسانن سان گڏ پکين، مڇين، وڻن، ٻوٽن ۽ جانورن جو جياپو آھي سنڌو درياھ اسان جي ننگن دنگن ۽ غيرت جو مسئلو بڻجي چڪو آھي ماضيءَ ۾ پاڻي لاءِ عالمن فتوائن ڏنيون آھن تہ درياھ جي پڇڙيءَ ۾ رهندڙ ماڻھن جي اجازت کانسواءِ ڊيم يا ڪينال ڪڍڻ غير شرعي ۽ غيرقانوني آھن ھنن چيو تہ درياھ لاءِ سنڌ جو ٻچو ٻچو جدوجھد جي ميدان ۾ آھي ھاڻي سنڌ جي گھٽي گھٽي مان ڪينال نہ کپن جا نعرا گونجي رھيا آھن زرداري ليگ ۽ نواز ليگ ھوش کان ڪم وٺن اسان ڪنھن بہ صورت ۾ سنڌ جون زمينن جي نيلامي ۽ ڪينال ڪڍڻ ڪونہ ڏينداسين ۽ ھر محاذ تي احتجاج جاري رھندو. ميرپورخاص(بيورورپورٽ) دريائن جي عالمي ڏھاڙي جي موقعي تي وڪيلن، سياسي سماجي مذهبي، قوم پرست پارٽين سول سوسائٽي پاران وفاقي حڪومت پاران پنجاب چولستان جي ريگستاني زمينون اباد ڪرڻ لاء سنڌو درياء جي پاڻي تي ڌاڙو ھڻي گرين انيشيٽو ڪارپوريٽ فارمينگ جي نالي تي 6 نوان ڪئنال ڪڍي سنڌ کي برباد ڪرڻ وارين سازشن خلاف احتجاجي ريليون ڪڍي ميرپورخاص پريد ڪلب اڳيان ڌرڻا هنيا ويا مظاهرن کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو تہ اڄ سڄي دنيا ۾ دريائن جو عالمي ڏيھاڙو ملھايو پيو وڃي، پر اسانجي ملڪ ۾ وفاق ۽ پنجاب پاران سنڌين جي جياپي سنڌو درياء جي پاڻي تي وفاقي حڪومت پاران ڌاڙو ھڻي زبردستي 6 نوان ڪئنال ڪڍي سنڌ کي بنجر بنائڻ جي سازش تي عمل پيرا آھي، پر اسان ڪنھن بہ صورت ۾ سنڌو درياء تي ڪوبہ ڪئنال قبول نہ ڪنداسين، گرين پاڪستان انشيئٽو ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي تي 06 ڪئنالن جي تعمير سنڌين جو معاشي قتلام ۽ نسل ڪشي آهي، هنن چيو ته 06 نوان ڪئنال ٺاھي سنڌ کي ريگستان بڻائي ملڪي معيشيت جو ٻيڙو غرق ڪيو پيو وڃي. ريائن جي عالمي ڏينهن جي مناسبت سان ڪراچي پريس ڪلب آڏو مختلف ڌرين پاران احتجاجي مظاھرا ڪيا ويا ايس يو پي ـ ايس ٽي پي ـ وڪيلن ـ سنڌي ادبي سنگت سماجي اڳواڻن ۽ عوامي ورڪرز پارٽي پاران احتجاجي مظاھرا ڪيا ويا ـ مظاھرن ۾ نامياري مزاحيا فنڪار سھراب سومرو ـ حيدر قادري ـ فنڪار بيدل مسرور پڻ شرڪت ڪئي.نوجوان گلوڪار تنوير علي گيت ڳائي احتجاج رڪارڊ ڪرايو ـ صدام راڄپر وڪيلن جي احتجاج ۾ گيت ڳايا. وڪيلن جي احتجاج ۾ ھاء ڪورٽ بار جو اڳواڻ سرفراز ميتلو ـ ڪراچي بار جي صدر عامر نواز وڙائچ۔ ملير بار جي سيڪريٽري اياز چانڊيو قومپرست اڳواڻ عبدالخالق جوڻيجو سميت ٻين پڻ خطاب ڪيو.ڪراچي بار پاران 12 اپريل تي وڪيلن جو ڪنوينشن ڪوٺائڻ جو به اعلان ڪيو ويو.