حيدرآباد/سکر(نمائندن وٽان) حيدرآباد يونين آف جرنلسٽس جي سڏ تي سنڌو درياھ تي چولستان ڪئنال سميت ٻين ڪئنالن خلاف حيدرآباد ريجن جي سمورن ضلعن ۾ ڪارو ڏينھن ملھايو ويو، قلم ڌڻين ٻانھن تي ڪاريون پٽيون ٻڌي پريس ڪلبن تي ڪارا جھنڊا چاڙھي مختلف سرگرمين جي رپورٽنگ ڪئي. ان سلسلي ۾ ايڇ يو جي پاران صدر وسيم خان، جنرل سيڪريٽري ڄام فريد لاکو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڪالهھ حيدرآباد ۾ ڪئنالن خلاف ڪارو ڏينھن ملھائي پريس ڪلب تي ڪارو جھنڊو چاڙھي احتجاج ڪيو. صحافين ٻانھن تي ڪاريون پٽيون ٻڌي سڄو ڏينھن پنھنجا فرض نڀايا. هوڏانهن مٽياري پريس ڪلب پاران ڪينالن خلاف ريلي ڪڍي ڌرڻو هنيو ويو جنهن ۾ ايڇ يو جي جي صدر وسيم خان ۽ جنرل سيڪريٽري ڄام فريد لاکو شرڪت ڪئي جڏهن ته دادو، ڄامشورو، ٺٽو، ٽنڊو محمد خان، ٽنڊو الهيار، سجاول، بدين ۽ سانگهڙ ضلعن اندر ننڍن وڏن پريس ڪلبن تي ڪارا جهنڊا چاڙھي احتجاجي مظاھرا ڪيا ويا، ٻئي پاسي سکر يونين آف جرنلسٽس، حيدرآباد يونين آف جرنلسٽس ۽ ڪراچي يونين آف جرنلسٽس پاران سنڌو درياھه تي نيون ڪئنالون ٺاهڻ جي خلاف ڪاري ڏينهن جي گڏيل سڏ تي سکر يونين آف جرنلسٽس جي صدر سليم سھتو ۽ جنرل سيڪريٽري جاويد جتوئي جي قيادت ۾ سکر پريس ڪلب تي ڪارو جھنڊو چاڙھي ٻانهن تي ڪاريون پٽيون ٻڌي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو احتجاجي مظاهري ۾ سکر پريس ڪلب جي صدر ظھير خان لودي، جنرل سيڪريٽري امداد بوزدار، نائب صدر شهزاد تاباني،ايس يو جي نائب صدر خالدٻانڀڻ، رياض راجپوت، فناس سيڪريٽري ڪامران شيخ سميت صحافين جي اڳواڻن وڏي تعداد ۾ ٻانهن تي ڪاريون پٽيون ٻڌي شرڪت ڪئي، ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته سنڌ جو عوام سنڌو درياھ مٿان نوان ڪئنال ڪڍڻ کي رد ڪري چڪو آھي سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ سبب زراعت متاثر ٿي رهي آھي وڌيڪ ڪئنال ڪڍڻ سان سنڌ جي زرعي زمينون بنجر ٿي وينديون، صحافي اڳواڻن حڪمرانن کان مطالبو ڪيو ته سنڌ جي عوام جي اعتراضن کي نظر ۾ رکندي ڪئنالون ٺاھڻ وارو منصوبو رد ڪيو وڃي.