جوهي ( ن ع آ ) درياهه بچايو ڪاميٽي جي ڏنل احتجاجي سڏ تي جوهي ۾ سنڌو درياءَ تي غيرقانوني 6 ڪينال اڏڻ خلاف جوهي ۾ سياسي سماجي تنظيمن، ايس يو پي، جسقم، پي ٽي آءِ، آبادگار ايسوسيئيشن، ساس، سفوا، پ پ شھيد ڀٽو، شيعه علماءِ ڪائونسل، تحريڪ لبيڪ پاڪستان، پ ٽ الف، جماعت اسلامي، جي ڊي اي، ايس ٽي پي، قومي عوامي تحريڪ، شهرين، استادن، وڪيلن سميت مختلف مڪتبه فڪر سان لاڳاپيل سوين ماڻهن پاران هٿن ۾ بينر پلي ڪارڊ کڻي نعرن جي گونج ۾ ڊگري ڪاليج کان نيشنل پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي سخت نعري بازي ڪئي وئي,ان موقعي تي ڪامريڊ غُلام قادر لغاري، غُلام نبي باهوٽو، هارون پنهور، شاعر خليل عارف سومرو، حيدر سيال، هاشم کوسو، قربان کوکر ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ نڪتل ريلي ۾ شريڪ اڳواڻن ريلي خطاب ڪندي چيو ته پنجاب ازل کان وٺي سنڌ جي پاڻي تي قابض رهيو آهي، ويران چولستان کي آباد ڪرڻ لاءِ سر سبز سنڌ کي سڪائي سنڌين جي جياپو بند ڪري سنڌ ويران ڪرڻ ڇاهي ٿو هنن چيو ته سنڌو جي جياپي تي اڏجندڙ غيرقانوني ڪئنال ڪنهن به صورت ۾ سنڌي قوم کي قبول ناهن.