اسلام آباد ۾ سنڌي شاگردن جو سنڌوءَ مان ڪئنال ڪڍڻ خلاف احتجاج

اسلام آباد (م ڊ) اسلام آباد جي يونيورسٽين ۾ پڙهندڙ سنڌي شاگردن سنڌو درياهه مان ڪئنال ڪڍڻ ۽ زمينن جي نيلامي خلاف اسلام آباد پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو. احتجاج ڪندڙن پلي ڪارڊ کنيا، جن تي سنڌو درياهه تي ڌاڙي خلاف نعرا لکيل هئا. باک فائونڊيشن سميت عوامي ورڪر پارٽي جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري بخشل ٿلهو، ڊپٽي جنرل سيڪريٽري پروفيسر عاصم سجاد اختر، انساني حقن جي اڳواڻ ڊاڪٽر فرزانه باري ۽ سوين انساني حقن جا ڪارڪن مظاهري ۾ شريڪ ٿيا. مظاهري ۾ شرڪت ڪندڙن وفاقي حڪومت جي پاليسين خلاف سخت نعريبازي ڪندي سنڌو درياهه جي وهڪري کي قدرتي صورت ۾ برقرار رکڻ جو مطالبو ڪيو. احتجاج ڪندڙن چيو ته سنڌي عوام درياهه تي ٿيندڙ ڪنهن به زيادتي خلاف جدوجهد جاري رکندو. احتجاج ڪندڙن خبردار ڪيو ته جيڪڏهن  نوان ڪئنال ڪڍڻ وارو منصوبو ختم نه ڪيو ويو ته تحريڪ هلائي ويندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.