لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي ۾ سنڌو درياھ مٿان زبردستي 6 نوان تڪراري ڪئنال اڏڻ واري منصوبي خلاف مختلف سياسي، سماجي، مذهبي، قومپرست جماعتن توڙي صحافتي تنظيمن ۽ سول سوسائٽي جي نمائندن طرفان ڌار ڌار ريليون ڪڍي احتجاجي مظاهرا ڪري ڌرڻا هنيا ويا. ان سلسلي ۾ ڪالھ سنڌو درياھ مٿان وفاقي حڪومت طرفان 6 نوان ڪئنال ٺاهڻ واري عمل خلاف جي يو آءِ ضلعي لاڙڪاڻي طرفان سنڌ جي صوبائي اڳواڻ علامه راشد محمود سومرو، ضلعي جي امير مولانا ناصر محمود سومرو، محبت علي کهڙو، مولانا طاهر محمود سومرو، مولانا حميد الله سيال ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾، جڏهن ته سنڌو درياھ بچايو تحريڪ پاران ايس يو پي اڳواڻن روشن ڪلهوڙو، ڊاڪٽر مظهر مغل، صدر ڀٽي، منظور شيخ، پي ٽي آءِ اڳواڻ رئوف ڪورائي، ڊسٽرڪٽ بار جي نائب صدر جاويد بليدي، جماعت اسلامي اڳواڻ محمد عاشق ڌامراھ، ف ليگ جي عطا محمد حب، جي ڊي اي اڳواڻ غلام حيدر ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾، جسقم، جساف طرفان اطهر سومرو، اشرف ڪلهوڙو، عزيز الرحمان شيخ، پ پ شهيد ڀٽو، سنڌي ادبي سنگت جي اڳواڻن ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ الڳ الڳ ريليون ڪڍي قائد عوام پريس ڪلب سميت شهر جي مختلف چوڪن چوراهن تي احتجاجي مظاهرا ڪري ڌرڻا هنيا ويا، ان موقعي تي ريلين کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته حڪمران سنڌو درياهه جي پاڻي تي ڌاڙو هڻي پنجاب جي زمينن کي آباد ڪري سنڌ جي زمينن کي بنجر بڻائي سگهجي ته جيئن هتي چانور، سبزي ۽ ٻيا فصل نه ٿين ، هنن چيو ته گذريل چئن مهينن کان وٺي اسين سنڌو درياهه مٿان ڪئنال اڏڻ خلاف جدوجهد جي ميدان ۾ آهيون، ڪالاباغ ڊيم ۽ ڪارونجهر جي ڪٽائي خلاف توڙي امن امان جي بحالي ۽ سنڌ جي حقن جي حاصلات لاءِ اسان جدوجهد ڪئي جيڪا جاري آهي. هنن مطالبو ڪيو ته فوري طور تي سنڌو درياھ مٿان تڪراري ڪئنال اڏڻ واري منصوبي کي رد ڪري سنڌي قوم کي جيئڻ جو حق ڏنو وڃي، ٻي صورت ۾ اسان جي جدوجهد جاري رهندي. ٻي پاسي مختلف جماعتن جي اڳواڻن، ڪارڪنن طرفان موجوده حڪمرانن جا پتلا ساڙڻ سان گڏ لاڙڪاڻو خيرپور پل وٽ پهچي سنڌو درياھ تي گلن نڇاور ڪري ڀيٽا پيش ڪئي وئي.