نوابشاهه ۾ ادبي سنگت ۽ سگا پاران ڪئنالن خلاف احتجاجي ريلي

نوابشاهه (رپورٽر) درياهن جي عالمي ڏهاڙي تي، سنڌي ادبي سنگت جي مرڪزي سڏ تي سنڌي ادبي سنگت شاخ نوابشاهه ۽ شاخ سگا نوابشاهه پاران شيراز چوڪ کان نوابشاهه پريس ڪلب تائين احتجاجي ريلي ڪڍي وئي. ريليءَ ۾ نوابشاهه جي نوجوانن هوليءَ جي رنگن سان رڱجي ڀرپور شرڪت ڪئي. ريلي جي اڳواڻي سنڌي ادبي سنگت جي ضلعي رابطه سيڪريٽري امداد رند، شاخ جي سيڪريٽري بخشل باغي، سگا نوابشاهه جي صدر عبدالله گھمرو، هاري ڪاميٽيءَ جي ذوالفقار رستماڻي، احمد خيام، جسقم جي علي رضا خاصخيلي ۽ ناصر شاهه ڪئي. احتجاج ڪندڙن وفاق کان مطالبو ڪيو ته سنڌو درياءَ سنڌ جي شهه رڳ آهي، جنهن تي صرف سنڌ جو بنيادي حق آهي. سنڌ مان نوان ڪئنال ڪڍڻ جا منصوبا بند ڪيا وڃن، جيڪي سنڌ کي سوڪهڙي ۾ تبديل ڪرڻ جي سازش آهن. ريليءَ ۾ "سنڌوءَ تي ڌاڙو نامنظور، نوان ڪئنال نامنظور” جا نعرا هنيا ويا.

  1. ڦلجي اسٽيشن ۾ سنڌو درياهه مان غيرقانوني ڪئنال ڪڍڻ خلاف احتجاج

ڦلجي اسٽيشن (ن ع آ) ڦلجي شهر ۾ به سنڌو درياهه مان غيرقانوني ڪئنال ڪڍڻ خلاف سياسي ۽ سماجي تنظيمن، شهرين ۽ ڪارڪنن پاران احتجاجي ريلي ڪڍي وئي. مظاهرين هٿن ۾ پلي ڪارڊ ۽ جهنڊا کڻي حيدر چوڪ تي پهچي وفاقي حڪومت خلاف سخت نعريبازي ڪندي ڌرڻو هنيو. احتجاجي مظاهري ۾ ظهير سومرو، محمد رمضان پنھور، اسلم آزاد سومرو، پريس ڪلب صدر شاهنواز سومرو، ڪامريڊ خالد کوسو، محمد نواز چانڊيو، وفا ياسين آرائين ۽ ٻين شرڪت ڪئي. احتجاج ڪندڙن چيو ته وفاقي حڪومت زبردستي چولستان ڪئنال، چوپارا ڪئنال، ۽ گريٽر ٿل ڪئنال ڪڍي رهي آهي، جنهن خلاف سنڌ جا 6 ڪروڙ ماڻهو سراپا احتجاج بڻيل آهن، پر وفاق پنهنجي هوڏ تان هٽڻ لاءِ تيار ناهي. مظاهرين جو چوڻ هو ته گڊو بئراج کان هيٺ پاڻي جي شديد کوٽ 55 سيڪڙو تائين پهچي چڪي آهي. جيڪڏهن سنڌو درياءَ مان وڌيڪ 6 نوان ڪئنال ڪڍيا ويا ته زرخيز سنڌ بنجر بڻجي ويندي. سازش تحت سنڌ کي ريگستان بڻائڻ جي ڪوشش ٿي رهي آهي، جيڪا ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪئي ويندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.