شاهه لطيف، سچل سرمست ۽ ساميءَ پنهنجي شاعريءَ جي ذريعي تصوف جي پيغام کي اڳتي وڌايو ۽ صوفيت جو سفر جيڪو سنڌ ۾ اڄ به جاري آهي. سنڌ جي صوفي بزرگن ۾ سچل سرمست جو اهم مقام آهي. سچل سرمست شاهه عبداللطيف ڀٽائي کان پوءِ سنڌ جو ٻيو نمبر وڏو شاعر ليکيو وڃي ٿو.
سچل سرمست عشق ۽ محبت جو شهنشاھه، انساني آزاديءَ جو علمبردار، امن ۽ اتحاد جو پيامبر، وحدت الوجود جو درس ڏيندڙ عالم ، چئن زبانن سنڌي، سرائڪي، اردو ۽ فارسيءَ جو شاعر ۽ صوفي بزرگ هيو، جنهن شاعريءَ ۽ موسيقيءَ ذريعي حسن، عشق، وحدت، ڪثرت، حقيقت، معرفت ۽ انساني عظمت جي پيغام کي عام ڪيو. سچل سائين هڪ ڪامل عارف هيو تنهن ڪري وحدت ۽ عرفات جي اعليٰ منزل تي پهچي سرمد ۽ منصور جيان”اناالحق“ جو نعرو بُلند ڪندو رهيو. جنهن ڪري کيس ”منصور ثاني“ به سڏيو وڃي ٿو.
جنهن دل پيتا عشق دا جام،
سا دل مستو مست مدام،
حق موجود سدا موجود.
سچل سرمست جنهن وقت ۾ پيدا ٿيو ته اُن وقت سنڌ تي ڪلهوڙن جي حڪمراني هئي. هنن جي ئي دؤر ۾ جهوڪ ۾ صوفي شاهه عنايت ۽ سندس پوئلڳن کي شهيد ڪرايو ويو هيو ۽ جهوڪ جي درسگاهن ۽ ڪتب خانن کي ساڙي تباهه ڪيو ويو هو. جنهن بعد سچل سرمست واري دؤر ۾ اُن وقت جي حڪمران غلام شاهه ڪلهوڙي 1759ع ۾ هڪ فرمان جاري ڪيو جنهن موجب مذهبي ڪٽرپڻي جي قانون کي لاڳو ڪيو ويو جنهن ڪري سنڌ جي هندن کان علاوه شيعه توڙي سني مسلمان ۽ عام ماڻهو پڻ مُونجهارن ۽ مجبورين جي وَرِ چڙهي ويا ۽ حڪومت کان بيزاري وڌڻ لڳي. ٻئي طرف اُن دؤر ۾ حڪمران ڪلهوڙا هئا ۽ فوجي جرنيل ٽالپر هئا.
اُنهن حڪومتي معاملن ۾ ڪلهوڙن پاران انگريزن کي واپار لاءِ سنڌ ۾ رهايو ويو. ان دؤر ۾ حڪمرانن لاءِ قرآن شريف تي واعدا ڪري ڦري وڃڻ عام هيو ۽ پنهنجي ڌرتيءَ جا فيصلا ڌارين جي چوڻ تي ڪيا ويندا هئا اهڙي دؤر ۾ جنهن ۾ گهڻ طرفي لٽ ڦر، ڏاڍ ۽ جبر هجي ٻئي طرف مذهبي آزاديءَ جي به اجازت نه هجي اهڙين حالتن ۾ شعوروند ۽ حساس انسان ڪيئن چپ رهي سگهي ٿو. سچل سرمست جي شاعري ان وقت جي پيداوار آهي جنهن ٻاٽ انڌاري ۾ روشنيءَ جي لاٽ ٻاري سامراج سان بغاوت ڪندي عوام کي صحيح راهه ڏيکارڻ جي لاءِ جدوجهد ڪئي.
پٽيءَ ڄڃ نه ڄل، منجهه تماشي نه پوين،
گهوٽ ڪري تون پاڻ کي ڪر هنگاما ھَلُ،
ڀول نه ٻئي ڪنهن ڀل، وٺج حال حالج جو.
سچل سائين هِن بيت ۾ انقلاب جو درس ڏيندي چئي ٿو ته ڌرتيءَ تي ڪائي خوشي نه آهي. پنهنجي وطن وارن لاءِ خوشيون ۽ خوشحالي آڻڻ لاءِ پاڻ کي گهوٽ ٿي ميدان ۾ لهڻو پوندو. جنگ جوٽڻي پوندي، ٻي ڪنهن ڀل ۾ ناهي رهڻو. منصور (حسين ابن منصور الحالج) وارو دڳ وٺڻو پوندو.
ٻين صوفي بزرگن جيان سچل سرمست تي به ”حسين ابن منصورالحلاج“ جو وڏو اثر هو. جنهن وجد ۾ اچي حق پرستيءَ جا نعرا هڻندي “اناالحق” جو نعرو هنيو هو ۽ عرب ۾ عباسيه خالفت للڪاريو هئو جنهن ڪري کيس سنگسار ڪري شهيد ڪيو ويو سچل سائين مذهبي ڪٽرپڻي، ذات پات، رنگ نسل ۽ دين ڌرم ۾ قوم کي ورهائڻ کان روڪيندي برابري ۽ هيڪڙائي جو درس ڏئي ٿو ته:
ڪاٿين ڏاڍو ڪاٿين هيڻو، ڪاٿين جوڙ جڻياڻو پائي،
ڪاٿين ڪوري ڪاٿين موچي، ڪاٿين سيد سڏائي،
ڪاٿين ڪافر ڪاٿين مومن ڪاٿين سوريءَ سر هلائي.
سچل سرمست مذهبي فرقيواريت جو سخت مخالف هو. اُن وقت حڪمرانن جي ڏاڍ ۽ جبر کان علاوه سخت مذهبي ڪٽرپڻي جي ڪري عوام ڏکن ۽ سورن جي وَرِ چڙهيل هو ۽ ان وقت ۾ سچل سائين مذهب جي جبريت واري فلسفي کي مڃڻ کان انڪار ڪندي
صوفي ازم (روحانيت) جو پيغام ڏئي ٿو جنهن جو مقصد آهي ته پيار ۽ محبت ذريعي انسان ۽ خدا تعاليٰ جي وچ ۾ تعلق جوڙڻ، نه ڪي جنت جي لالچ، نه جهنم جي ڊپ ذريعي مذهب جي نالي ۾ حاڪميت قائم ڪرڻ. صوفين جو چوڻ آهي ته خداتعاليٰ انسان سان محبت ڪري ٿو جنهن ڪري انسان کي پاڻ وانگر پيدا ڪيو اَٿس ۽ انسان کي ذهني آزادي ڏني آهي ته پوءِ ڌرتيءَ جا وقتي حاڪم ڇو انسان کي غلام بڻائڻ سندس سوچ ۽ ذهن کي پنهنجي تابع ڪرڻ جي ڪوشش ڪن ٿا.
سچل سرمست جو حق ۽ سچ جو درس پوري انسان ذات لاءِ آهي. سندس فلسفي موجب رنگ، نسل، طبقي ۽ عقيدي جي قيد مان آزاد ٿي انسان جي عظمت کي سڃاڻڻ جو درس ملي ٿو:
ڪو ڪيئن چوي ڪو ڪيئن چوي،
ڪو ڪافر چوي ڪو مومن چوي،
مان جو ئي آهيان سو ئي آهيان.
سچل سائين انسان ذات کي ٽڪرن ۾ ورهائجڻ کان روڪيندي انسانيءَ لاءِ جدوجهد ڪئي. سندس ڪالم اتحاد 936636 اکرين نَو لک ڇٽيهه هزار ڇهه سئو ڇٽيهه بيتن تي مشتمل آهي. سچل سرمست جي ڪالم ۾ انساني عظمت، ذهني آزادي، ظالماڻي ۽ جابراڻي نظام کان بغاوت، انسان دوستي، محبت ۽ ڀائيچاري جو درس سمايل آهي. سندس فڪر ۽ فلسفي موجب انسان خداوندي جو مظهر آهي. سچل سائين دين ڌرم جي فاصلن کي مٽائيندي پنهنجي ڪالم ۾ روحانيت جي رنگ کي عام ڪيو جنهن ڪري سندس ڪالم مسلم توڙي غير مسلم ۾ يڪسان مقبول ٿيو آهي.
نا مين ملان نا مين قاضي، نا مين سبق پڙهاوان،
نا مين ڪعبه نا مين قبله، مڪي مول نه جاوان،
نا مين سني نا مين شيعا، سيد ڪيون سڏاوان،
نا مين نانڪ نا مين لڇمڻ، گنگا مول نه جاوان،
يار ته ميڏا درس درازي، سچو نانُء سڏاوان.
سچل سرمست رحه محبت ۽ ڀائيچاري جي درس ذريعي دين ۽ ڪفر ۾ ٺاھه ڪرائڻ پي چاهيو جنهن ڪري سندس مٿان مولوين فتوائون جاري ڪيون ۽ حڪمران ناراض ٿيس ليڪن سچل رحه سائين پنهنجي انسان دوستي ۽ اصول پرستي تان هٿ نه کنيو ۽ ثابت قدم ٿي صوفين جي پيغام کي عام ڪندو رهيو ۽ ذري برابر به مصلحت يا اصولن تي سودي بازي نه ڪئي. سچل سرمست حق ۽ سچ ، محبت ۽ ڀائيچاري جي پيغام کي بهادري ۽ بيباڪيءَ سان اڳتي وڌائيندو رهيو.
سچل سرمست انساني عظمت کي روشناس ڪرائڻ لاءِ اَمن ۽ محبت جي پيغام کي عام ڪرڻ لاءِ سنڌيءَ کان علاوه سرائڪي، اردو ۽ فارسي زبانن ۾ به شاعري ڪئي ۽ ڪوشش ڪئي ته هِن خطي ۾ اَمن ۽ ڀائيچارو قائم ڪري ترقي ۽ خوشحالي ڏياري سگهجي. اڄ جي دؤر ۾ به سچل سرمست جي درس ۽ فلسفي جي سخت ضرورت آهي. اڄ به سندس ڪالم ۾ حق ۽ سچ، اَمن ۽ ڀائيچاري ۽ انساني برابريءَ جو ڏيئو روشن آهي جنهن جي روشني ۽ سرهاڻ کي ڦهلائڻ جي ضرورت آهي ته جيئن سندس فڪر ۽ فلسفي ذريعي مسڪين ماروئڙن جي ڏکن ۽ سورن کي گهٽائي سگهجي ۽ سنڌي قوم کي قبيلائي ويڙهاند کان پاسي ڪري قومي يڪجهتيءَ جي پليٽ فارم تي گڏ ڪري سامراجي ڦرلٽ جي رستي روڪ ڪري سنڌ وطن جي خودمختياري ۽ سنڌي قوم جي خوشحاليءَ جي جدوجهد لاءِ عوام کي ڪوڙ ۽ مڪاريءَ جي ماحول کان پري ڪري سچل سرمست جو حق ۽ سچ وارو دڳ ڏيکارڻ جي ضرورت آھي.
اچو ته سڀ گڏجي سچل سرمست جي 204ھون عرس مبارڪ جي ڏينهن تي سڄي سنڌ جي عوام کي پنھنجي جياپي قومي وجود جي نشاني سنڌو درياءَ ۽ ڌرتي ماتا جي بقا لاءِ ساھ جي آخري گهڙين تائين پنھنجي سنڌو درياءَ سميت سَمورن وسيلن جي مالڪي ۽ جدوجهد ڪريون.