فلسطيني سرگرم ڪارڪن محمود خليل تي آمريڪا ۾ لڳايل الزام

تحرير: ڊاڪٽر سيف جوڻيجو

محمود خليل، جيڪو فلسطيني ڏاھي ايڊورڊ سعيد واري ڪولمبيا يونيورسٽي جو گريجوئيٽ ۽ فلسطيني ڪارڪن آهي، 8 مارچ 2025 تي آمريڪي اميگريشن ۽ ڪسٽمز انفورسمينٽ (ICE) جي ايجنٽن طرفان گرفتار ڪيو ويو آھي. جيتوڻيڪ خليل هڪ قانوني مستقل رهواسي (گرين ڪارڊ هولڊر) آهي ۽ هڪ آمريڪي نوجوان عورت سان شادي به ٿيل اٿس، پر کيس   فلسطيني تنظيم حماس سان  شڪي لاڳاپن جي بنياد تي گرفتار ڪيو ويو آھي، جيڪا آمريڪا ۾ دهشتگرد تنظيم قرار ڏنل آهي. هوم لينڊ سيڪيورٽي جو چوڻ آهي ته سندس سرگرميون آمريڪا جي پرڏيهي پاليسي لاءِ خطرو بڻجي سگهن ٿيون.

محمود خليل تي اڃا تائين ڪنھن به ڏوھ  جو باقائده الزام ناهي لڳايو ويو، پر اميگريشن ۽ نيشنلٽي ايڪٽ آمريڪي قانون مستقل رهواسين کي ملڪ بدر ڪرڻ جي اجازت ڏئي ٿو جيڪڏهن انهن تي دهشتگرد سرگرمين ۾ ملوث هجڻ جو شڪ هجي.

هن جي گرفتاري تي انساني حقن جي تنظيمن سخت تنقيد ڪئي آهي، جيڪي ان کي آمريڪي  آئين جي پهرين ترميم (First Amendment)  جيڪا اظھار جي آزادي جي ضمانت ڏئي ٿي جي ڀڃڪڙي قرار ڏئي رهيا آهن.ڪجھ ماهرن جو چوڻ آهي ته هي قدم آمريڪا ۾ فلسطين جي حق ۾ آواز اٿاريندڙ سرگرم ڪارڪنن کي خاموش ڪرائڻ جي ڪوشش آھي.

هن وقت، خليل لويزيانا جي هڪ اميگريشن حراستي مرڪز ۾ بند آهي، جتي سندس ممڪن ملڪ بدري بابت قانوني ڪارروائي شروع ٿيڻ واري آهي.محمود خليل آمريڪا  مٍ فلسطين جي حمايت ۾ هلندڙ تحريڪن ۽ ڪيمپس احتجاجن ۾ سرگرم رهيو آهي. هو شام ۾ فلسطيني مهاجر والدين جي گهر پيدا ٿيو. هن لبناني آمريڪن يونيورسٽي مان ڪمپيوٽر سائنس ۾ بيچلرز ڊگري حاصل ڪئي.

2022 ۾، هو آمريڪا آيو ته جيئن ڪولمبيا يونيورسٽي جي اسڪول آف انٽرنيشنل اينڊ پبلڪ افيئرز مان ماسٽرز ڊگري حاصل ڪري سگهي. هن ڊسمبر 2024 ۾ پبلڪ ايڊمنسٽريشن ۾ ماسٽرز ڊگري مڪمل ڪئي.

ڪولمبيا يونيورسٽي ۾ داخلا کان اڳ، خليل برطانيه جي فارن، ڪامن ويلٿ، ۽ ڊولپمينٽ آفيس ۾ پروگرام مئنيجر طور ڪم ڪندو رهيو، جتي هن شام بابت منصوبن تي ڪم ڪيو. هن برطانوي حڪومت جي “چيوننگ اسڪالرشپ پروگرام” جي نگراني پڻ ڪئي، جيڪو بين الاقوامي شاگردن لاءِ هڪ اھم اسڪالرشپ پروگرام آهي.ان کان اڳ، هن جُسور نالي هڪ شامي-آمريڪي تعليمي NGO سان ڪم ڪيو، جتي فائنانس ۽ آپريشن مئنيجر ۽ اسڪالرشپ مئنيجر طور خدمتون سرانجام ڏنيون. هتي هن شامي نوجوانن جي تعليمي موقعن لاءِ ڪم ڪيو.

ڪولمبيا يونيورسٽي ۾ محمود خليل فلسطين جي حمايت ۾ هلندڙ تحريڪن جو هڪ اهم اڳواڻ بڻجي ويو آھي. هو Columbia University Apartheid Divest (CUAD) نالي اتحاد جو سرگرم ميمبر رهيوآھي، جيڪو يونيورسٽي تي زور ڀريندو رهيوآھي ته هو انهن ڪمپنين کان پنهنجا سيڙپ ڪيل فنڊ واپس وٺي، جيڪي اسرائيلي پاليسين جي مدد ڪن ٿيون.

اپريل 2024 ۾، هن شاگردن جي هلندڙ احتجاجن ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو ۽ يونيورسٽي انتظاميا سان ڳالهين جو حصو بڻيو، جتي احتجاج ڪندڙ شاگرد اسرائيل-فلسطين تڪرار بابت ادارتي قدمن جو مطالبو ڪري رهيا هئا.

ھن جو سڀ کان وڏو ڏوھ فلسطينين جي حق مٍ آمريڪا مٍ احتجاج ڪرڻ آھي جنھن جي قيمت کيس ھاڻي ڀرڻي پئجي وئي آھي. آمريڪا طرفان اسرائيل جي  فلسطينين تي ظلمن جي ھر حال مٍ حمايت جي تمام ڊگھي تاريخ آھي. ڏسڻو اھو آھي ته آمريڪا جو نام نھاد انصاف جو نظام ھن فلسطيني-آمريڪي نوجوان کي انصاف ڏئي سگھندو. جنھن جو امڪان گھٽ آھي.

(سوشل ميڊيا جي پوسٽ)

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.