ممبئي (ويب ڊيسڪ ) ڀارت جي ڪرڪيٽ بورڊ (بي سي سي آءِ) انگلش ڪرڪيٽر هيري بروڪ تي ٻن سالن تائين آءِ پي ايل کيڏڻ تي پابندي لاڳو ڪري ڇڏي.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽ موجب، بروڪ مٿان اِها پابندي ان ڪري لڳائي وئي آهي جو هو ٽورنامينٽ جي شروعات کان ڪجهه ڏينهن اڳ آءِ پي ايل مان هٿ کڻي ويو.
رپورٽس موجب، هيري بروڪ اعلان ڪيو هو ته هو انڊين پريميئر ليگ (آءِ پي ايل) جي 18هين سيزن تان دستبردار ٿي رهيو آهي ته جيئن هو عالمي ڪرڪيٽ تي فوڪس ڪري سگهي
واضح رهي ته بروڪ کي آءِ پي ايل 2025 لاءِ دهلي ڪيپيٽلز ٽيم خريد ڪيو هو، جڏهن ته آءِ پي ايل جو 18هون سيزن 22 مارچ کان شروع ٿيڻ وارو آهي.
You might also like