ڀارت جو دٻاءُ؟ دي هنڊريڊ ليگ ۾ پاڪستاني رانديگرن کي نه خريدڻ جو ڪارڻ سامهون اچي ويو

لنڊن (ويب ڊيسڪ) برطانوي ڪرڪيٽ ليگ دي هنڊريڊ جي 2025 سيزن ۾ پاڪستاني رانديگر کي ڪنهن فرنچائز پِڪ نه ڪيو.
لارڊز ۾ ٿيل ڊرافٽ ۾ 50 پاڪستاني ڪرڪيٽر موجود هئا، جن ۾ 5 عورتون به شامل هيون، پر ڪنهن به فرنچائز پاڪستاني ڪرڪيٽرن کي خريدڻ ۾ دلچسپي نه ڏيکاري.
پرڏيهي ميڊيا موجب، 45 مرد رانديگرن مان به ڪنهن کي به چونڊيو نه ويو، جيتوڻيڪ ڪجهه ٽيمن پرڏيهي رانديگرن لاءِ جاءِ موجود هئي.
پاڪستاني رانديگرن مان سڀ کان وڌيڪ قيمت نسيم شاهه جي هئي، جنهن جي ريزرو پرائس 1 لک 20 هزار پائونڊ مقرر هئي.
عماد وسيم ۽ صائم ايوب 78 هزار 500 پائونڊ، جڏهن ته شاداب خان، حسن علي ۽ محمد حسنين 63 هزار پائونڊ جي قيمت تي موجود هئا.
هن سال دي هنڊريڊ ۾ ڪجهه وڏيون تبديليون ڏسڻ ۾ آيون، جيئن انگلينڊ اينڊ ويلز ڪرڪيٽ بورڊ فرنچائزن لاءِ ٻاهرين سيڙپڪاري جي اجازت ڏني ، جنهن سبب 8 مان 4 ٽيمون آءِ پي ايل مالڪن جي ملڪيت هيٺ اچي ويون.
پاڪستاني رانديگرن کي نه چونڊڻ جو سبب آءِ پي ايل جو اثر نه پر انهن جي مڪمل دستيابي جي غير يقيني صورتحال ٻڌائي پئي وڃي.
دي هنڊريڊ 5 آگسٽ کان 31 آگسٽ تائين جاري رهندي، جڏهن ته پاڪستان 31 جولاءِ کان 12 آگسٽ تائين ويسٽ انڊيز خلاف ون ڊي ۽ ٽي ٽوئنٽي ميچز کيڏندو.
ان کانسواءِ، جولاءِ-آگسٽ ۾ بنگلاديش خلاف سيريز جو امڪان به آهي، جنهن سبب پاڪستاني رانديگرن جي مڪمل دستيابي ڏکي ٿي سگهي ٿي.
انگلش ڪرڪيٽ بورڊ جي چيف ايگزيڪيوٽو رچرڊ گولڊ گذريل مهيني واضع ڪيو هو ته دي هنڊريڊ ۾ پاڪستاني رانديگرن کي آءِ پي ايل جي اثر سبب ڪا به پابندي نه لڳائي ويندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.