ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان سپر ليگ (پي ايس ايل) ۾ ٻه نيون ٽيمون شامل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.
پي ايس ايل جي سي اي او سلمان نصير چيو آهي ته هلندڙ سال جي آخر تائين ليگ ۾ وڌيڪ ٻه ٽيمون شامل ٿي سگهن ٿيون.
واضح رهي ته هن وقت پي ايس ايل ۾ ڇهه ٽيمون حصو وٺي رهيون آهن، جن ۾ ڪراچي ڪنگز، لاهور قلندرز، اسلام آباد يونائيٽڊ، پشاور زلمي، ڪوئيٽا گليڊي ايٽرز ۽ ملتان سلطانز شامل آهن. نين ٽيمن جي شموليت بعد ٽيمن جو انگ وڌ ي اٺ ٿي ويندو.
سلمان نصير جو چوڻ آهي ته پي ايس ايل جي شروعات تڏهن ٿي جڏهن پاڪستان ۾ ڪرڪيٽ نه پئي کيڏي وئي، هاڻي ايندڙ هدف وڌيڪ شهرن ۾ ميچون ڪرائڻ آهي.
هن ٻڌايو ته 2026 ۾ پي ايس ايل جون ميچون پشاور ۽ ٻين شهرن ۾ به ڪرايون وينديون ، جڏهن ته 2025 جي سيزن دوران 8 اپريل تي پشاور ۾ نمائشي ميچ کيڏي ويندي.
پي سي بي موجب، پي ايس ايل 10 جي شروعات 11 اپريل 2025 تي ٿيندي، افتتاحي ميچ اسلام آباد يونائيٽڊ ۽ لاهور قلندرز وچ ۾ راولپنڊي ۾ کيڏي ويندي.
ٽورنامينٽ جو فائنل 18 مئي تي قذافي اسٽيڊيم لاهور ۾ ميگا ايونٽ جي ٻن ٽاپ ٽيمن وچ ۾ کيڏيو ويندو.
You might also like