ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ حڪومت نوڪريءَ جي ڳولائو نوجوانن لاءِ هڪ وڏي آساني پيدا ڪئي آهي، جتي نئين متعارف ڪرايل ايپ ذريعي نوجوان مفت رجسٽريشن ڪري روزگار حاصل ڪري سگهجي ٿو.
صوبائي حڪومت جي سڌ سماءُ واري کاتي جي پورٽل جي افتتاحي تقريب ڪوٺائي وئي، جنهن ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري شرڪت ڪئي.
تقريب کي خطاب ڪندي سڌ سماءُ واري وزير شرجيل ميمڻ چيو ته هي ايپ مڪمل طور تي مفت آهي، جتي هر نوجوان کي نوڪري لاءِ درخواست ڏيڻ جو موقعو ملندو.
هن وضاحت ڪئي ته رڳو سرڪاري نوڪريون نه پر خانگي شعبي لاءِ به هي پورٽل ڪارائتو آهي، جتي نوجوان پنهنجي سي وي اپلوڊ ڪري سگهن ٿا ۽ جيڪي ادارا ضرورت محسوس ڪندا، کين اميدوارن کي چونڊيندا.
شرجيل ميمڻ جو چوڻ هو ته هي پورٽل سنڌ ۾ ملازمت جي امڪانن کي وڌائيندو، جتي سرڪاري ۽ نجي ادارن ۾ به نوڪريون حاصل ڪرڻ جو موقعو ملندو.
هن چيو ته هي پورٽل سنڌ جي ترقي ۽ روزگار لاءِ هڪ”گيم چئنجر“ ثابت ٿيندو، جيڪو چيئرمين بلاول ڀٽو جو ويزن آهي.
You might also like