جي يو آءِ مخالف ڌر اتحاد ۾ شامل ٿيندي يا نه؟ اهم خبر اچي وئي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) جمعيت علماءَ اسلام ( جي يو آءِ ) جي مخالف ڌر اتحاد ۾ شموليت بابت اڊيالا جيل مان هاڪاري اشارو ملي ويو.
پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ)، اڳوڻي چيئرمين عمران خان سان مشاورت مڪمل ڪري ورتي، جنهن کانپوءِ جي يو آءِ کي اپوزيشن اتحاد ۾ شموليت بابت شرطن ۽ مطالبن جي منظوري جو پيغام اماڻيو ويو.
ذريعن موجب، جي يو آءِ زباني خاطريءَ بدران لکت ۾ ضمانت گهري آهي ۽ وڌيڪ سوالن جا جواب به طلب ڪيا آهن.
جي يو آءِ پنهنجي موقف ۾ چيو آهي ته 26هين آئيني ترميم وقت پي ٽي آءِ کي اعتماد ۾ ورتو ويو هو، ان کانپوءِ الزام جي يو آءِ تي مڙهڻ افسوس جوڳو عمل آهي.
جي يو آءِ اسٽيبلشمينٽ ۽ حڪومت سان ڳالهين تي خدشا ظاهر ڪندي چيو ته ڳالهيون پارٽي سطح تي نه پر گڏيل اپوزيشن ڪندي.
جي يو آءِ اهو سوال به اٿاريو آهي ته ڇا مخالف ڌر نئون اتحاد ٺاهيندي يا ”تحفظِ آئين پاڪستان“ جي نالي سان اڳ ۾ موجود اتحاد ئي جاري رهندو؟ ۽ ان اتحاد جو ڍانچو ڇا هوندو ۽ ڪهڙيون پارٽيون شامل ٿينديون؟
جي يو آءِ تجويز ڏني آهي ته مخالف ڌر اتحاد کي مڪمل اختيار ڏنو وڃي ۽ اهو پنهنجا فيصلا پاڻ ڪري.
پي ٽي آءِ باني پي ٽي آءِ سان مشاورت ضرور ڪري پر حتمي فيصلا مخالف ڌر اتحاد ڪندي، سڀ فيصلا لکت ۾ هوندا ۽ پي ٽي آءِ کي حتمي مشاورت کانپوءِ اطلاع ڏيڻ گهرجي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.