ممبئي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي فاسٽ بالر جسپريت بمرا آءِ پي ايل 2025 جي شروعاتي ميچن ۾ حصو نه وٺي سگهندو.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽس موجب، بمرا اڃا تائين چليهه جي انجري مان مڪمل طور ڇوٽڪارو حاصل ناهي ڪري سگهيو.
واضح رهي ته هو هلندڙ سال جنوري ۾ بارڊر گواسڪر ٽرافي جي آخري ميچ دوران انجري جو شڪار ٿيو، انجري سبب هو چيمپيئنز ٽرافي ۾ به ڀارت جي نمائندگي نه ڪري سگهيو.
هاڻي ذريعن جو چوڻ آهي ته هو آءِ پي ايل فرنچائز ممبئي انڊينز لاءِ شروعاتي ميچون به نه کيڏي سگهندو.
مارچ ۾ ممبئي انڊينز جون ٽي ميچون شيڊيول آهن، پر کيس ٽيم ۾ شامل ڪرڻ لاءِ مئنيجمينٽ کي بي سي سي آءِ جي بئنگلورو ۾ موجود سينٽر آف ايڪسيلينس جي ميڊيڪل ٽيم جي منظوري ضروري هوندي.
ذريعن موجب، بمرا اپريل کان ٽورنامينٽ جي ٻئي مرحلي ۾ ايڪشن ۾ نظر ايندو.
بمرا پنهنجي انوکي بالنگ ايڪشن سبب ماضي ۾ پڻ انجريز جو شڪار رهيو آهي، جنهن سبب بي سي سي آءِ جي ميڊيڪل عملي، سليڪٽرن، ۽ ٽيم انتظاميا سندس ورڪ لوڊ مئنيج ڪرڻ لاءِ احتياط ڪري رهي آهي.
ان ڏس ۾ نيوزيلينڊ جي اڳوڻي فاسٽ بالر شين بانڊ، جيڪو ماضيءَ ۾ ممبئي جي ڪوچنگ به ڪري چڪو آهي خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن بمرا ٻيهر ساڳي انجري جو شڪار ٿيو ته سندس عالمي ڪيريئر وقت کان اڳ ختم ٿي سگهي ٿو.
Prev Post
You might also like