آمريڪا جون ايران تي نيون پابنديون، ٻين ملڪن کي به وارننگ

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪا ايران جي ڪجهه اهم شخصيتن، آئل ٽينڪرن ۽ واپاري ڪمپنين تي نيون پابنديون مڙهي ڇڏيون.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽس موجب، آمريڪي پابندين جو نشانو بڻجندڙ شخصيتن ۾ ايران جو پيٽروليم وارو وزير به شامل آهي.
آمريڪي ناڻي واري وزير جو چوڻ آهي ته ايران تيل مان حاصل ٿيندڙ آمدني کي خطرناڪ مقصدن لاءِ استعمال ڪري رهيو آهي.
ياد رهي ته ان کان اڳ به آمريڪا چين، ايران، ڀارت، گڏيل عرب امارات ۽ ٻين ملڪن تي پابنديون لاڳو ڪري چڪو آهي.
آمريڪي ناڻي ۽ پرڏيهي معاملن واري کاتي ايران جي تيل برآمدات کي نشانو بڻائيندي 30 کان وڌيڪ ماڻهن ۽ سامونڊي جهازن تي پابنديون لڳايون هيون.
آمريڪا جي نئين فهرست ۾ متحده عرب امارات، چين، ايران، ڀارت، هانگ ڪانگ، ملائيشيا، ۽ سيشلز شامل آهن، جن تي پابنديون لاڳو ڪيون ويون آهن.
آمريڪا خبردار ڪيو آهي ته جيڪو به ايران جي تيل واپار ۾ ملوث نظر آيو، ان کي سخت پابندين جو منهن ڏسڻو پوندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.