پي آءِ اي جهاز جو گم ٿيل ڦيٿو ملي ويو

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) قومي ايئرلائن ( پي آءِ اي ) جي اُڏام پي ڪي 306 جو گم ٿيل ڦيٿو ڪراچي هوائي اڏي جي ريموٽ پارڪنگ بي وٽان ملي ويو.
پاڪستان ايئرپورٽس اٿارٽي موجب، گرائونڊ ٿيل 777 جهاز جي لينڊنگ گيئر وٽان ويل شاپ ٽيڪنيشنز کي ڦيٿو مليو.
ذريعن موجب، ايئربس 320 جهاز جي اُڏام پي ڪي 306 اربع رات لاهور ايئرپورٽ تي لينڊنگ ڪئي هئي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته ايئربس ڪمپني، پي آءِ اي اختيارين سان رابطو ڪري جهاز جي ٽيڪنيڪل بنيادن تي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.
ذريعن موجب، ڪمپني جهاز جي ٽن مهينن جي مڪمل فلائيٽ ڊيٽا، چيڪ لسٽ ۽ لينڊنگ گيئر سميت ٻيون رپورٽون طلب ڪري ورتيون آهن، لينڊنگ کانپوءِ جهاز جي هڪ ڦيٿي جي گم ٿيڻ جو انڪشاف ٿيو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.