پنهنجي ملڪ اندر مختلف وقتن ۾ نون صوبن جي ڳالهه ڪئي ويندي آهي خاص ڪري سنڌ ۾ ڪراچي جي حوالي سان به چيو ويندو آهي ته ان کي سنڌ جو ٻيو صوبو بڻايو وڃي. ٻين صوبن ۾ ته جئين ته اڪثريتي طور تي هڪ ئي قوم رهندي آهي تنهن ڪري اتي انتظامي طور تي صوبن ٺاهڻ تي گهٽ ئي اعتراض ٿيندو آهي پر سنڌ جي سياسي پوزيشن وري مختلف آهي تنهن ڪري سنڌي قوم سنڌ جي صوبي سان تاريخي طور تي جذباتي وابستگي رکندي آهي.
سنڌ تاريخي طور تي ڌار وطن رهي چڪو آهي پر هر دور جي قابض حڪمرانن ان جون جاگرافيائي حدون سوڙهيون پئي ڪيون آهن، ان جي وطن واري حيثيت کسي وئي آهي تنهن ڪري سنڌين کي سياسي طور سنڌ جي وڌيڪ تقسيم قبول ناهي رهي. انگريزن 1843ع ۾ سنڌ تي قبضو ڪرڻ کان پوءِ ان کي بمبئي سان ملائي ڀارت جو حصو بڻائي ڇڏيو هو جنهن خلاف سنڌي قوم تاريخي جدوجهد ڪري 1935ع ۾ سنڌ جي جداگانه حيثيت بحال ڪرائي ۽ انگريز سرڪار سنڌ کي ڌار صوبو ٺاهي ڇڏيو.
ڪنهن دور ۾ سڄو سنڌو درياهه وارو علائقو سنڌ هو، اڳتي هلي ان جون سرحدون ملتان تائين محدود ڪيون ويون. وري ورهاڱي کان پوءِ ڪراچي کي سنڌ کان ڌار ڪري ان کي ملڪ جي گادي جو مرڪزي هنڌ بڻايو ويو جنهن خلاف پڻ سنڌي قوم تاريخي جدوجهد ڪري ڪراچي ڪراچي کي واپس سنڌ جو اٽوٽ حصو ڪرايو. ورهاڱي کانپوءِ ڀارت مان آيل پناهه گيرن کي جو سنڌ ۾ رهايو ويو ته انهن جي به نيت ۾ به اڳتي هلي ڦيرو آيو ۽ انهن ڪراچي کي پنهنجي ڌار صوبي ٺاهڻ لاءِ جدوجهد ڪئي جنهن جي سنڌي قوم مزاحمت ڪئي ۽ ڪري رهي آهي. سنڌي قوم هاڻي سنڌ جي وڌيڪ ڪنهن جاگرافيائي ورهاست لاءِ تيار ناهي.
اسان جو هميشه کان اهو خيال رهيو آهي ته صوبن جي تاريخي اهميت کي متاثر ڪرڻ ۽ عوام کي ڪاوڙائڻ بدران معاملا بهتر ڪرڻ لاءِ ضلعي نظام يعني ضلعي حڪومتن کي مضبوط ڪيو وڃي ۽ ضلعي جي انتظامي ۽ مالي پوزيشن مضبوط ڪري ضلعي نظام کي سگهارو ڪيو وڃي. ضلعي حڪومتن جي حوالي سان اهو تاثر بلڪل غلط آهي ته ڪو اهو نظام اڳوڻي ڊڪٽيٽر پرويز مشرف متعارف ڪرايو هو. اسان کي ياد آهي ته بينظير ڀٽو صاحبه پنهنجي ٻئي اليڪشني منشور لاءِ پي ٽي وي تي پ پ جو جيڪو منشور پڙهيو هو تنهن ۾ هن پرويز مشرف کان اڳ ۾ ئي ضلعي حڪومتن جو پروگرام ڏنو هو پر جيئن ته مرتضيٰ ڀٽو جي قتل کانپوءِ سندس حڪومت کي وقت کان اڳ برطرف ڪيو ويو يعني ان کي پنهنجو مدو پورو ڪرڻ نه ڏنو ويو تنهن ڪري شايد اها عملي طور ضلعي حڪومتون ٺاهي نه سگهي ۽ پوءِ پرويز مشرف باقاعدي ضلعي حڪومتي نظام کي لاڳو ڪري ڏيکاريو، جنهن سان ضلعن جي ڪارڪردگي ڪافي بهتر ٿي هئي ۽ حڪومتي اختيار هيٺين يعني عوامي سطح تي لهي آيا هيا. سو اسان جو خيال آهي ته جيڪي ڌريون نون صوبن جون ڳالهيون ڪري رهيون آهن، تجويزون ڏئي رهيون آهن تن کي اصل ۾ ضلعي حڪومتي نظام ڏانهن اچڻ گهرجي.
بينظير ڀٽو صاحبه جيئن ته پ پ جي اڳواڻ آهي ۽ ضلعي حڪومتي نظام جو پروگرام ان ئي پهريون ڏنو ته پ پ جنهن جي سنڌ ۾ حڪومت آهي تنهن کي گهرجي ته اها ضلعي حڪومتي نظام لاڳو ڪري سنڌ ۾وڌيڪ ڪنهن صوبي جي گنجائش واري سازش کي ختم ڪري ۽ سنڌ ۾ ضلعي حڪومتي نظام ذريعي بهترين انتظامي رول ماڊل ٺاهي ڏيکاري ۽ ثابت ڪري ته ملڪ جي مفاد ۾ نوان صوبا نه پر ضلعي حڪومتي نظام ئي آهي.
ضلعن جي حڪومت ٺاهي مسئلا هيٺين سطح تي حل ڪرڻ گهرجن. اهڙي تجويز تازو سينئر صحفي سهيل وڙائچ به پنهنجي هڪ ڪالم ۾ ڏني آهي جنهن جي پڻ اسان تائيد ڪيون ٿا.سهيل وڙائچ پنهنجي ڪالم ۾ لکيو آهي ته “نون صوبن ٺاهڻ جو مقصد جيڪڏهن اثرائتو انتظامي ڪنٽرول، بهتر انتظام ۽ بهتر رٿابندي آهي ته پوءِ اهو ئي مقصد ضلعن تائين وڌائڻ وڌيڪ فائدي وارو هوندو. ضلعي نظام اڳ ۾ ئي موجود آهي پر جيڪڏهن صوبا ٺهيا ته انهن جي هيڊڪوارٽر تي اربين روپيا خرچ ٿيندا. صوبائي اسيمبليون ٺهنديون، سيڪريٽريٽ ٺهنديون يعني نه رڪجندڙ هڪ سلسلو شروع ٿي ويندو جڏهن ته ضلعن ۾ انفراسٽڪچر اڳ ۾ ئي موجود آهي صرف انهن جي ڪيپيسٽي کي وڌائڻ ضرورت آهي.
اسان جو به اهو ئي خيال آهي ته ضلعي حڪومتي نظام ئي بهتر انتظامي ڍانچو آهي جنهن کي سهڻي نموني فعال ڪرڻ جي ضرورت آهي. ضلعي حڪومتي نظام ۾ ناظمن ذريعي ملڪ ۽ صوبن کي سٺا منتظم به ملي سگهن ٿا ۽ اهي ضلعي ناظم سٺا سياستدان به ثابت ٿي سگهن ٿا جيڪي هيٺيان کان مٿي وڃي سگهن ٿا پر هتي هڪڙن خسيس سياسي، حڪومتي مفادن ڪري صوبن جو رينگٽ ڪري سياسي نفرت ۽ لساني فساد پکيڙڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي جنهن جو مقصد انتظامي ڍانچي کي بهتر ڪرڻ کان وڌيڪ سياسي ۽ پارٽي مفاد ماڻڻ آهي جڏهن ته ملڪ جي مفاد ۾ اهو آهي ته نون صوبن تي وقت ۽ پيسو ضايع ڪرڻ بدران ضلعي حڪومتي نظام کي بهتر ڪيو وڃي.