پاڻيءَ تي ٻه پاڻي ٿيڻ گهرجن، عوام کي دوکو ڏنو پيو وڃي

تحرير رياض ابڙو 

دنيا متبادل توانائي جي ذريعن جي ايجاد ۽ جاکوڙ ۾ آهي ۽ هنن وري ڊيمن ۽ ڪينالن جي صورت خلق کي کڻي چريو ڪيو آ. ڳالهه وڏي ڏک واري آهي، ۽ شديد غم غصي واري آهي، ڇو ته سنڌي جڏهن درياءَ ۾ پاڻي نه ٿا ڏسن ته انهن جي اکين ۾ پاڻي ڀرجي ٿو اچي. اسان کي پنهنجي سول سوسائٽي تي انتهائي فخر آهي ته اسان جا وڪيل، استاد، شاگرد، عورت اڳواڻ، سول سوسائٽي جا نمائندا، قومپرست اڳواڻ سڀ اڳ کان اڳرا آهن ۽ انٽرنيشنل ڌرين تائين آواز پڄائين ٿا ڇو ته تڪراري پروجيڪٽن جي لاءِ آءِ ايم ايف، ورلڊ بينڪ ۽ ٻيا فنڊنگ ادارا آخر مددگار ثابت ڇو ٿا ٿين. ڇو ته رڳو پنجاب جي حق ۾ ڪيل فيصلا، انهن جي ماڻهن جي لاءِ پاس ڪيل آرڊيننس ٻين صوبن جي لاءِ زندگي موت جو سامان کڻي ٿا اچن.

بهاولپور ۾ پنجاب جي قائم مقام وزيراعلي 26 هزار ايڪڙ جيڪي بهاولپور، بهاولنگر ۽ رحيم يار خان جي ماڻهن ۾ ورهايا آهن ۽ باقي جيڪي 4 لک ايڪڙ زمين رهي ٿي سا ڇهن بااثر ماڻهن ۾ ورهائي آهي جيڪا 1978 کان الاٽمينٽ جي چڪرن ۾ التوا ۽ دير جو شڪار هئي، چولستان جي رهواسين کي پنجن سالن لاءِ ليز تي زمين الاٽ ڪئي وئي آهي، جنهن ۾ هر درخواست ڏيندڙ کي 12.5 ايڪڙ ملي رهيا آهن. پر سوال اهو به آهي ته ساڳي زمين جيڪا ٿر ۾ لکين ايڪڙ ٿيندي، ان جي لاءِ ڪوٽڙي بيراج مان واھ وهايا وڃن هان، جيڪي زمينون ڄامشورو کان پٺي هيٺ دادو تائين، ڄامشورو کان ڪراچي تائين آهن انهن جي لاءِ ڪينال وهايا وڃن هان، پر حيرت اها به آهي اهو درد پنجاب جو ناهي، جيڪا زمين زرخيز هوندي به پاڻي جي اوڻاٺ جي ڪري تباھ ۽ بنجر ٿيندي پئي وڃي، پاڻي جي کوٽ جي آباد زمينون به وڃن پيون غيرآباد ٿينديون. ڊيلٽا ۾ پاڻي نه ڇڏڻ جي ڪري هرسال سمنڊ لکين اڪيڙ زمين کاري ڪري ڳڙڪائيندو پيو وڃي، جنهن جي ڪري سامونڊي علائقن کي سڀاڻي سونامي جو خطر لاحق آهي. اهو سور ڪنهن موسمي ڄاڻوگر ۽ تحقيقدان جو شايد ناهي، انهن جو درد رڳو اهو آهي ته ڊفينس ۽ بحريا ٽائون جا نوان فيز ٺهن ۽ جيڪي زمينون عسڪري ادارن جي عقاب هيٺ آهن اهي ڪنهن صورت آباد هجن.

پنجاب کي ڇڏي اسان ٽنهي صوبن سان هڪ اهو حشر ضرور آهي ته به اسان وٽ نه زرعي سيڪٽر فائديمند رهيو آهي ۽ نه ئي صنعتي سيڪٽر ڪنهن طرح واڌ ويجھه ۾ آهي. سرڪاري ٽيڪسز، قانوني وٺ پڪڙ جي ڪري، بجلي اڻ هوند، وڏو بلن، مهانگي هجڻ ڪري، صنعتي سيڪٽر کي گيس جي اڻ هوند ۽ وقت سر فراهمي نه هجڻ جي ڪري وڏن شهرن مان صنعتون يا ته پنجاب يا بنگلاديش ڏي شفٽ ٿينديون پيون وڃن، ۽ اهو ريشو وڌندو پيو وڃي. پر هتي حڪمرانن کي ڪارپوريٽ فارمنگ جي لڳي پئي آهي. درياءَ جي پاڻي تي زراعت رڳو زراعت ناهي پر صنعتون به پاڻي گهرن ٿيون، رهائشون به پاڻي گهرن ٿيون، ٻيلا، جهنگ جر، جانور، وڻ ٻوٽا، ماڻهو ۽ سموري جيوت به پاڻي ٿي گهري. ان ڪري جيستائين ۽ جٿي جٿي پاڻي وڃي ٿو، اتي اتي آبادي ٿئي ٿي، اتي اتي زندگي آهي. حيرت اها به آهي ته ٿر ۾ جڏهن سوڪهڙ هوندو آهي ته اهو ڪنهن کي نظر ناهي ايندو. هاڻي ته ڪوٽڙي بيراج کان هيٺ واري ٿي اڏامي، جتي جي آبي زندگي ۽ زراعت داوَ تي لڳل آهي. اتان جا ماڻهو ۽ جانور پکي پکڻ به لڏپلاڻ ڪري شهري زندگي جا حصا بڻجي چڪا آهن، جنهن لڏپلاڻ جو وڏو نقصان ماحول ۽ آبي جيوت کي آهي، جنهن جي ڪري پکين ۽ مڇين جا ڪيترائي نسل اڻ لڀ ٿي پيا آهن، جيڪي ملڻ مشڪل آهن. ان ڪري درياءُ زندگي آهي، پاڻي نعمت آهي، اسان جي زندگي ۽ موت جو مسئلو آهي. جي پنجاب جي ڏاڍائي اها به آهي ته جڏهن به بارشون وسن ٿيون ته اهي ان ڳالهه جي وڪالت ٿا ڪن ته ڊيم ٺاهيون، پر بارش جڏهن ڪراچي، حيدرآباد يا سکر ۾ وسي ته پاڻي به انهن علائقن ۾ جمع ٿيڻ گهرجي، يا بارش وسي ڪراچي ۾ ۽ ڊيم وري پنجاب جي علائقن ۾ جڙندا، جيڪو وڏو سوال آهي؟ پر هاڻي دنيا ۾ متبادل توانائي جي ذريعن جي ايجاد زندگي آسان بڻائي ڇڏي آهي، ان ڪري بجلي رڳو ڊيمن مان حاصل نه ٿي ڪري سگهجي، پر دنيا 10 هزار کان مٿي ڊيم ڊاهي ڊيلٽا ۾ وهائي ڇڏيا آهن، ته جيئن اتي زندگي روان دوان ٿي سگهي.

گرين پاڪستان انيشيئيٽو تحت زرعي مقصدن لاءِ 4.8 ملين ايڪڙ زمين جي نشاندهي ڪئي وئي آهي. تفصيلن موجب هاڻي تائين 0.9 ملين ايڪڙ زمين الاٽ ڪئي وئي آهي، جنهن ۾ پنجاب ۾ 811,619 ايڪڙ، سنڌ ۾ 52,713 ايڪڙ، بلوچستان ۾ 47,606 ۽ خيبر پختونخوا ۾ 74,140 ايڪڙ شامل آهن. چولستان ۾ ڪارپوريٽ فارمنگ شروع ٿي چڪي آهي ۽ هاڻي تائين ٻه لک ايڪڙ زمين جو معاهدو ڪيو ويو آهي. سي ڊي اي اختيارين عسڪري اداري کي 74,000 ايڪڙ زمين مختص ڪئي آهي، جيتوڻيڪ مقامي رهواسين جو چوڻ آهي ته اهو انگ 400,000 ايڪڙ جي ويجهو آهي. ان کان علاوه ”ايڇ آر سي پي“ موجب زمين غيرملڪي ادارن، جن ۾ ابو ظهبي جا شهزادا ۽ چيني سيڙپڪار شامل آهن. جون 2023 ۾ پنجاب حڪومت گرين پاڪستان انيشيئيٽو تحت چولستان جي زمين کي ڪارپوريٽ فارمنگ لاءِ استعمال ڪرڻ جي منصوبن جو اعلان ڪيو هيو. 19 آڪٽوبر 2023 تائين 700,000 ايڪڙ زمين ميسرز گرين ڪارپوريٽ انيشيئيٽو پرائيويٽ لميٽيڊ کي 20 سالن لاءِ ليز تي ڏني وئي هئي، جنهن ۾ اختياري 10 سالن جي واڌ شامل هئي، جڏهن ته چولستان جا ماڻهو زمين لاءِ بي انتها جدوجهد ڪندا رهيا، پر هزارين ايڪڙ زمين خاموشي سان بااثر گروهن جي حوالي ڪئي وئي. انساني حقن جي ڪميشن آف پاڪستان (HRCP) جي جاچ مان ظاهر ٿيو آهي ته سي ڊي اي 74,000 ايڪڙ عسڪري اداري کي مختص ڪيا آهن.

15 فيبروري تي آرمي چيف ۽ پنجاب جي وزيراعلي چولستان ڪينال منصوبي جو افتتاح ڪري چڪا آهن پر اسان جي صوبائي وزيرعليٰ تي حيرت آهي هو اسان جي صوبي جي عوام کي اڃان تائين اوندھ ۾ رکيون پيو اچي، هي عوام جي اکين تي هٿ رکي سياست ٿا ڪن، هي سمجهن ٿا ته جيستائين بيوقوف زنده آهن سياڻا نه ٿا مري سگهن. ان ڪري ته پنجاب به رڳو ڪرسي جي آڇ ڪري هنن مان سڀ ڪم وٺي ٿو وڃي، هو سمجهي ٿو ته ڪرپشن ڪڏهن به ختم نه ٿي سگهي، ان ڪري ته چولستان ۾ زمين ڪارپوريٽ فارمنگ جي بهاني ٻين ملڪن کي جڏهن کپائي سگهجي ٿي ته اهي بالا آفيسرن جو به حق آهي، ته اهي ڪينال به منظور ڪرائين ۽ جتي صوبن کي پنهنجي آباد زمينن جي لاءِ پاڻي ناهي اتي ارسا هنن 6 ڪينالن کي پاڻي ڏيڻ جي حق ۾ آهي ۽ پنجاب جي ها ۾ ها ملائي ٿا ويهن. پر ڏسجي ته جيترا بيابان سنڌ، بلوچستان ۽ ڪي پي ۾ آهن اوترا پنجاب ۾ ناهن، پنجاب ۾ خوشحالي جي ريشو ٻين صوبن کان گهڻو آهي ۽ ڪرپشن ۽ مني لانڊرنگ، اٽي، ڪڻڪ، کنڊ ۽ ٻين شين جي سمگلنگ ۽ چوري به آهي. ٽرنسپيرينسي انٽرنيشل جي رپورٽ ۾ هاڻي پنجاب ٻين صوبن کان وڌيڪ ڪرپٽ ۽ بي ايماني ڪندڙ صوبو آهي. پي ٽي آءِ جي دور کان اڳ ۽ هاڻي به نون ليگ ۽ وري اتان جي سياسي ڌرين جا مٿان ڪرپشن جا ڪيس آهن، ان ڪري مرڪز کي ان معاملي تي اک پٽي. پر اهڙا احتجاج ٿيڻ ته تڏهن کپندا هيا، جڏهن انهن اهي زمينون ڪاغذي ڪاروائي ڪري چيني، اماراتي ۽ سعودي جي عرب شهزادن کي لکي ڏنيون هيون، ته اهي اتي ڪارپوريٽ فارمنگ ڪندا. اسان وٽ هونءَ ڪو بحران ناهي، نه اٽي جو نه کنڊ جو نه ئي ڪنهن ٻي زرعي شين جو. پر جڏهن اهي زمينون لکيون ڏنيون هين ته اهو به سمجهن هان ته انهن زمينن جي لاءِ پاڻي ڪٿان ايندو ۽ هاڻي ٻين صوبن کي بنجر بڻائي پنجاب جو چولستان آباد ٿيندو جيڪو ٿيندو ڪون!.

 

فيبروري تي آرمي چيف ۽ پنجاب جي وزيراعلي چولستان ڪينال منصوبي جو افتتاح ڪري چڪا آهن پر اسان جي صوبائي وزيرعليٰ تي حيرت آهي هو اسان جي صوبي جي عوام کي اڃان تائين اوندھ ۾ رکيون پيو اچي، هي عوام جي اکين تي هٿ رکي سياست ٿا ڪن، هي سمجهن ٿا ته جيستائين بيوقوف زنده آهن سياڻا نه ٿا مري سگهن. ان ڪري ته پنجاب به رڳو ڪرسي جي آڇ ڪري هنن مان سڀ ڪم وٺي ٿو وڃي، هو سمجهي ٿو ته ڪرپشن ڪڏهن به ختم نه ٿي سگهي، ان ڪري ته چولستان ۾ زمين ڪارپوريٽ فارمنگ جي بهاني ٻين ملڪن کي جڏهن کپائي سگهجي ٿي ته اهي بالا آفيسرن جو به حق آهي، ته اهي ڪينال به منظور ڪرائين ۽ جتي صوبن کي پنهنجي آباد زمينن جي لاءِ پاڻي ناهي

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.