ٻڌڻ ۾ اچي پيو ته 8 جولاءِ 2024 جي سرڪاري پريس رليز ايوان صدر جاري ڪئي جنهن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته صدر آصف علي زرداري ڪڇي ڪينال منصوبي کي هڪ ۽ اڌ سال اندر مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي، جيڪو بلوچستان ۾ 713,000 ايڪڙ زمين کي آباد ڪرڻ ۾ مدد ڏيندو.اسلام آباد ۾ "گرين پاڪستان انيسئيٽو” بابت اجلاس جي صدارت ڪندي، هن چيو ته وفاقي حڪومت هن منصوبي جي لاءِ فنڊ فراهم ڪندي ته جيئن ان جي بروقت تڪميل کي يقيني بڻائي سگهجي.صدر کي "گرين پاڪستان انيسٽيئٽو” جي لاءِ ڇهن اهم ڪينالن جي تعمير بابت پڻ بريفنگ ڏني وئي.اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته ڇهن اهم ڪينالن جي تعمير، جن ۾ چشما رائيٽ بئنڪ ڪينال، ڪڇي ڪينال، ريني ڪينال، گريٽر ٿل ڪينال، چولستان ڪينال، ۽ ٿر ڪينال شامل آهن، پاڪستان جي زرعي صلاحيت کي بهتر بڻائڻ ۾ مدد ڏيندي. هيءَ منصوبه بندي پوک لائق زمين جي واڌاري سان گڏ مال مويشي ۽ ماڳي مڇين جي شعبي کي پڻ هٿي ڏيندي.صدر اجلاس دوران هدايت ڪئي ته "گرين پاڪستان انيشياتي” تحت اهم ڪينالن تي ڪم جلد شروع ڪيو وڃي ۽ انهن جي وقت سر تڪميل کي يقيني بڻايو وڃي. ان سان گڏوگڏ، پاڻي جي ضايع ٿيڻ کان بچائڻ لاءِ انهن کي ڪنڪريٽ سان لائن ڪيو وڃي.اجلاس دوران اهو پڻ ٻڌايو ويو ته پاڻي جي وهڪرن بابت درست ڊيٽا شيئرنگ کي يقيني بڻائڻ لاءِ 27 ٽيلي ميٽري پوائنٽون قائم ڪيون وينديون هي ته ڳالهه ٿي وئي حڪومت جي پر عوام ڇاٿي سوچي ۽ انهن 6 ڪئنال نڪرڻ سان سنڌ ۽ سنڌو دريا تي جيڪي منفي اثر پوندا شايد ان مسئلي تي سوچڻ حڪومت کي گوارا نه هيو
وفاقي حڪومت پاران 6 ڪئنالن جي منظوري واري فيصلي جا ڪيترائي منفي اثر پوندا خاص طور تي سنڌ جي هارين، زراعت، ماحول ۽ معيشت تي۔ هي فيصلو پاڻي جي تقسيم ۾ بي انصافي، ماحولياتي توازن ۽ سماجي امن لاءِ وڏو خطرو پيدا ڪري سگھي ٿو۔ اتي ڪجهه اهم منفي اثر هيٺ ڏجن ٿا:
1 پاڻي جي قلت ۾ وڌا:
6 نون ڪئنالن جي منظوري سان سنڌو دياهه مان پاڻي جي غيرمنصفاڻي ورهاست ٿي سگھي ٿي سنڌ جي هيٺاهين علائقن ۾ پاڻي جي قلت ٿي سگھي ٿي، جيڪو زراعت ۽ پيئڻ جي پاڻي لاءِ وڏو مسئلو پڻ ٿي سگهي ٿو
2 زراعت تي منفي اثر:
آبادگارن هارين کي پاڻي جي گھٽتائي کي منهن ڏيڻو پوندو، جيڪو فصلن جي پيداوار کي گھٽائي سگھي ٿو
پاڻي جي قلت جي ڪري زمينون بنجر ٿي سگھن ٿيون، جيڪو هارين جي معيشت لاءِ وڏو خطرو آهي.
3 ماحولياتي نقصان:
ڪئنالن جي ڪري دياهه جي قدرتي وهڪرو متاثر ٿي سگھي ٿو، جيڪو آبي جانورن ۽ پاڻي جي ماحولياتي نظام لاءِ نقصانڪار آهي۔ زمين جي ڪٽائ، نمڪين ٿيڻ ۽ پاڻي جي گھٽتائي جي ڪري ماحولياتي توازن خراب ٿي سگھي ٿو
4 معاشي مسئلا:
هارين جي آمدني گھٽجي سگھي ٿي، ڇو ته فصلن جي پيداوار ۾ گھٽتائي اچي سگھي ٿي.پاڻي جي قلت جي ڪري هاري پنهنجي زمينن کي ڇڏڻ تي مجبور ٿي سگھن ٿا، جيڪو معاشي بحران کي وڌائي سگھي ٿو.
5 قانوني ۽ انتظامي مسئلا:
ڪئنالن جي ڪري پاڻي جي ورهاست ۾ بي انصافي وڌي سگھي ٿي حڪومت کي انهن مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ پنهجا فيصلا واپس وٺڻا پوندا
6 صحت تي اثر:
پاڻي جي کوٽ جي ڪري صاف پاڻي جي گھٽتائي ٿي سگھي ٿي، جيڪو مختلف بيمارين کي جنم ڏئي سگھي ٿي پاڻي جي گھٽتائي جي ڪري صفائي جي مسئلن ۾ وڌاءُ ٿي سگھي ٿو، جيڪو صحت لاءِ نقصانڪار آهي۔ وفاقي حڪومت پاران 6 ڪئنالن جي منظوري واري فيصلي جا ڪيترائي منفي اثر پوندا آهن، جيڪي پاڻي جي قلت، زراعت، ماحولياتي توازن، معيشت، سماجي امن ۽ صحت کي متاثر ڪري سگھن ٿا۔ انهن مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ حڪومت کي سخت اپائن جي ضرورت آهي، جهڙوڪ پاڻي جي منصفاڻي ورهاست، دياههن جي حفاظت ۽ هارين کي متبادل ذريعن سان مدد ڏيڻ وغيره