رنگن جو تھوار ھولي

تحرير: اياز کهاوڙ

جئين سياري جي موسم موڪلائي ٿي.تئين بهار جي موسم سان گڏ ”رنگن جو تهوار ھولي“ شروع ٿئي ٿو.جيتوڻيڪ پاڪستان ۾ ھندو ڀائرن جو تعداد گهٽ آهي.پر  پوءِ به اسان وٽ هي ڏينهن وڏي جوش ۽ جذبي سان ملهايو وڃي ٿو.ڇاڪاڻ ته پاڪستان هڪ آزاد ملڪ آهي.۽ هتي رهندڙ مذھب جي ماڻھن کي پوري آزادي آهي.ته هو پنهنجا مذھبي تهوار پوري جوش ۽ جذبي سان ملهائي سگهن ٿا.هولي هندو ڪيلنڊر مطابق پرنمائشي جي مهيني ۾ ملهائي ويندي آهي. جڏهن چنڊ 14جو ٿي ويندو آھي.هولي کي پيار.محبت.۽ خوشي جو تهوار پڻ تصور ڪيو ويندو آهي.اهو تهوار عام طور تي هندوستان.نيپال ۽ ڏکڻ ايشيا جي مختلف حصن ۾ ملهايو ويندو آهي.پر هاڻي هولي پوري دنيا ۾ خوشي جو تهوار طور ملهائي ويندي آهي.هولي جو ڏينهن اصل ۾ ته هندو مذھب سان تعلق رکي ٿو.پر هن وقت سڄي دنيا ۾ پيار.محبت ۽ رنگن جو ڏينهن ڪري ملهايو پيو وڃي.هولي جو ذڪر هندن جي قديم ڪتاب ´´پراڻ" ۾ ملي ٿو.

هندن جي قديم شاعر ڪاليداس ان جو ذڪر پڻ شاعرن ۾ پڻ ڪيو آهي.جيستائين تاريخ ۾ ان جو ذڪر  ملي ٿو ته هولي کي ڏانئڻ عورت هوليڪا سان ڳنڍيو ويندو آهي.جيڪا هڪ شيطان بادشاھ هرناڪشپ جي ڀيڻ ھئي.ان بادشاھ کي اوتار مليل هو.جنهن ڪري  هن کي ڪو به شڪست نه پيو ڏيئي سگهي.ان ڪري اهو بادشاھ پاڻ کي پڳوان سڏرائڻ لڳو ۽ مغرور ٿي ماڻھن کي چوڻ لڳو ته منهنجي پوجا ڪيو.پر ٻين ماڻھن سان گڏ هن جي پنهنجي سڳي پٽ پرهلاد پڻ ھن کي ته قبوليو.پرهلاد جيڪو پاڻ پڳوان وشنوء جو هڪ سچو پڳت هيو تنهنڪري هن پنهنجي پيء کي پڳوان مڃڻ کان انڪار ڪيو.جنهن کان  پوءِ ان جي پيء ان تي تمام گهڻا ظلم ڪيا.پر هن پنهنجي پيء جي سامهون ڪنڌ نه جهڪايو.آخرڪار هوليڪا جيڪا بادشاھ جي ڀيڻ هئي.پرهلاد کي مارڻ لاء هڪ منصوبو جوڙيو ۽ اهڙي طرح وڏي ارٿي ”باھ“ جو انتظام ڪيو.هوليڪا پاڻ کي بچائڻ لاء  جادوئي شال پاتي.پر جڏهن پرهلاد ۽ هوليڪا ارٿي تي ويٺا ته شال اڏري پرهلاد جي ڪلهن تي پئي.جنهن سبب پرهلاد سڙڻ کان پچي ويو ۽ هوليڪا سڙي وئي.ان موقعي تي هرناڪشپ اچي ويو ۽ پرهلاد تي حملي ڪرڻ لاء تيار ٿيو.پر پڳوان وشنو پهچي ويا.هرناڪشپ راڪشس کي پنهنجي هٿن سان ماريو ۽ ان نموني سچائي جي جيت ٿي.ان کان پو هر سال هولي جي رات تي ان موقعي کي ملهائڻ لاء هڪ وڏي ارٿي ”باھ“ جو اهتمام ڪيو ويندو آهي.۽ هوليڪا جو بوتو لٽڪائي باھ ڏئي ساڙيو ويندو آهي.هن موقعي کي هندو مذھب جي جيت طور ملهائيندا آهن.اها نشاني هوندي آهي.ته هاڻي اونداھ ختم ٿي وئي ۽ روشني اچي وئي.اهو ئي مقصد آهي ته هولي کي سياري جي آخر ۽ بهار جي آمد وقت ملهايو ويندو آهي. جهڙي ريت مسلمان عيد جو ڏهاڙو پنهنجن مٽن مائٽن سان گڏجي ملهائيندا آهن.اهڙي ريت هندو به هن ڏينهن کي خوشين ۽ رنگن جو ڏينهن ڪوٺيندا آهن.جنهن ڏينهن تي هو پنهنجا سڀ ڏک غم وساري هڪ ٻئي سان پنهنجون خوشيون ونڊيندا آهن.هولي جو ڏينهن پاڻ سان گڏ ٻيون به گهڻيون ئي شيون کڻي ايندو آهي.جئين ”ھوليڪا ڏان“جيڪا هوليڪا کي ساڙڻ جي رسم آهي.ان سان هولي جي شروعات ٿئي ٿي.هولي جي ڏهاڙي تي عورتون مختلف قسمن جا کاڌا تيار ڪنديون آهن

جهڙوڪ:  گجيا.ماٿري.مال ڪوواس ۽ ڀنگ پي ڪري ماڻھو ڳائيندا ۽ جهمريون هڻندا آھن.عام طور تي اهي وڏي جاء تي گڏ ٿيندا آھن.سڀئي ماڻھو مرد توڙي عورتون اڇو لباس پائيندا آهن.اهي هڪٻئي تي رنگ اڇلائيندا آهن.رنگ هڻڻ لاء هڪ خاص قسم جا اسپري جن کي پچڪاري چئبو آھي. اهي تيار ڪيون وينديون آھن.هولي جي ڏينهن هر هڪ ماڻھو رنگن جو مجسمو لڳندو آھي

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.