تاريخ هميشه پنهنجن هيروز کي ياد رکندي آهي. هي شخص جيڪو زميندار ۽ شگر ملز جو مالڪ هجڻ سان گڏ هڪ سادو ۽ درويش صفت انسان آهي، پنهنجي جرئت ۽ بيباڪي لاءِ مشهور رهيو آهي. ساڻس جي دوستي کان اڳ، اسان صرف سندس بهادري جا قصا ٻڌا هئا. پر جڏهن اسان کي پير صاحب پاگاري جي معرفت هن عظيم انسان سان ويجهو ٿيڻ جو موقعو مليو، تڏهن سمجهيوسين ته هي صرف هڪ فرد نه، پر هڪ ادارو آهي، وفادار ۽ ثابت قدم شخص، جيڪو جيڪڏهن ڪنهن سان بيهندو ته مضبوط بيهندو، ۽ جيڪڏهن پٺتي هٽندو ته پنهنجي اصولن تي. سندس علم ۽ دانش کيس هميشه لاءِ امر رکندا.
سندس خاندان جو پير صاحب پڳارا سان محبت ۽ عقيدت جو خاص ناتو آهي. مان به کيس پهريون ڀيرو اڳوڻي صدر ڊاڪٽر عارف علوي جي اوطاق تي هڪ محفل ۾ ڏٺو، جتي عمران خان سنڌ مان پنهنجي خاص ساٿين کي دعوت ڏني هئي. حيدرآباد مان مون کي پڻ سنڌي ڪالم نويس ۽ صحافي طور مدعو ڪيو ويو هو، جتي عارف علوي، عمران اسماعيل، نعيم الحق، زبير خان، ۽ سيف الله خان نيازي موجود هئا. ان ملاقات دوران، عمران خان هن شاندار شخصيت کي PTI ۾ شموليت جي دعوت ڏيندي چيو اسان کي سنڌ ۾ توهان جهڙي عالمي معاملن جي ماهر، پڙهيل ۽ دانشور شخص جي سخت ضرورت آهي.”هن خاموشي سان عمران خان جي سڄي ڳالهه ٻڌي، پر پوءِ پنهنجي خاص انداز ۾ مضبوط موقف پيش ڪيو.هن عمران خان کان کليو چوندو سوال ڪيو:
"توهان جو سنڌ بابت واضح موقف ۽ پاليسي ڇا آهي؟ توهان جي پارٽي هميشه سنڌ ۽ پنجاب جي سياست ۾ فرق رکندي رهي آهي. پنجاب ۾ توهان ڪالاباغ ڊيم جي حمايت ڪندا آهيو، پر سنڌ ۾ ان جي مخالفت ڪندا آهيو. جيڪڏهن توهان واقعي سنڌ جي سياست ۾ اچڻ چاهيو ٿا، ته پهريان پنهنجو موقف واضح ڪريو، پوءِ ئي ماڻهو توهان جو ساٿ ڏيندا. نه ته سنڌ جا ماڻهو PTI ۾ ڇو شامل ٿين؟”مون به سندس موقف جي نه صرف تائيد ڪئي، پر عمران خان کي اهو چئي چئلينج ڏنو ته هو سڀني سنڌ دشمن منصوبن، خاص طور تي ڪالاباغ ڊيم جي مخالفت ڪري. مون عمران خان کي چيو ته "جيڪڏهن توهان ڪراچي ۾ الطاف حسين جي دهشتگرد ڪاررواين تي واضح موقف نه ورتو، ته سنڌ جا ماڻهو توهان جو ساٿ ڪڏهن به نه ڏيندا.”
ان ڏينهن کان پوءِ عمران خان کي سنڌ جي سياسي نفسيات جو احساس ٿيو، ۽ پوءِ هن ڪالاباغ ڊيم جي کلي مخالفت ڪرڻ شروع ڪئي. پوءِ حيدرآباد جي انڊس هوٽل ۾ "اينٽي ڪالاباغ ڊيم” ڪانفرنس ٿي، جنهن ۾ عمران خان شريڪ ٿيو. اسان خراب موسم باوجود اسلام آباد کان ڪراچي پهتاسين ۽ پوءِ منشي هائوس تي سنڌي ليکڪن ۽ دانشورن سان ملاقات کانپوءِ عمران خان کي انڊس هوٽل وٺي وياسين.اتان ڊاڪٽر قادر مگسي، ابرار قاضي، رسول بخش پليجو، پير مظهر الحق ۽ ٻين سياسي اڳواڻن جي سامهون عمران خان کليو اعلان ڪيو: "جيڪڏهن پنجاب اسٽيبلشمينٽ چاهي به، تڏهن به اسان ڪالاباغ ڊيم جهڙي تڪراري مسئلي جي حمايت نه ڪنداسين.”بعد ۾ عمران خان لنڊن وڃي اسڪاٽ لينڊ يارڊ وٽ پهريون تحريري شڪايت نامو داخل ڪرايو، ته الطاف حسين هڪ دهشتگرد ٽولي جو سربراهه آهي، جيڪو سنڌ ۾ سياست جي نالي تي دهشتگردي ڪندو آهي
.هاڻي اچون ٿا اصل ڳالهه تي اسان ڊاڪٽر سيد شفقت علي شاهه ڄاموٽ کي هميشه سنڌ جو حقيقي هيرو سمجهيو آهي. هو پرويز مشرف جي دور ۾ وفاقي وزير رهيو (فوڊ، زراعت، ۽ لائيو اسٽاڪ)، پر ڪڏهن به پنهنجي ڌرتي جي مفادن تي سوديبازي نه ڪئي. مون هميشه هن جي اکين ۾ پنهنجي ماڻهن لاءِ عجيب بيچيني ڏٺي آهي.اڄ هو گندي سياست کان پاسيرو آهي، پر اڃا به مون کي فون ڪري پڇندو رهندو آهي:
"اسان جي ڌرتي ۽ وفاق جو ڇا ٿيندو؟”
پرويز مشرف جي حڪومت ۾ جڏهن ڪالاباغ ڊيم ٺاهڻ جي مهم هلائي وئي ته ڊاڪٽر شفقت شاهه ڄاموٽ ٻه ڀيرا وفاقي وزارت تان استعيفا ڏني. پهرين دفعي ان کي رد ڪيو ويو، پر ٻئي دفعي هن مشرف کي اهو چئي استعيفا ڏني ته سنڌو درياهه سنڌ جي ماڻهن جي ملڪيت آهي. سنڌ جون زمينون انهيءَ تي آباد ٿين ٿيون، ۽ مان پاڻ هڪ زميندار آهيان. جيڪڏهن ڪالاباغ ڊيم ٺهيو، ته سنڌ کي پنهنجو حصو جو پاڻي نه ملندو، ۽ سنڌ جون زمينون ويران ٿي وينديون. مان اهڙي وزارت هرگز نه رکندس، جيڪا سنڌ جي پاڻيءَ جي بدلي مون کي ڏني وڃي.”
مشرف سنڌ جي ماڻهن جي مخالفت کان ڊڄي آخرڪار پوئتي هٽي ويو.اڄ جڏهن تاريخ جا ورق پلٽيان ٿو، ته ڪجهه نالا ذهن ۾ اچن ٿا، انهيءَ ڪري مون ڊاڪٽر شفقت شاهه ڄاموٽ تي لکڻ ضروري سمجهيو. مان پڪ ٿو ڪريان ته:پير صاحب پگارا، جونيئر ذوالفقار علي ڀٽو،اياز لطيف پليجو، ڊاڪٽر قادر مگسي، صنعنان خان قريشي، جامي چانڊيو، ڊاڪٽر شفقت ڄاموٽ،عامر نواز وڙائچ، امداد انڙ، عشرت لوھار، يوسف لغاري،ستار سرڪي،جي اين مغل،دستگير ڀٽي ۽ سماج جو هر باضمير فرد، هر طبقي ۽ هر شعبي جو ماڻهو متحد ٿي احتجاج ڪندو.سنڌ جون شاهراهون سراپا احتجاج ٿينديون ۽ "6 ڪينال منصوبي” کي رد ڪنديون. مان پڪ ٿو ڪريان ته، جيڪڏهن اسين گڏ آواز بلند ڪنداسين، ته رياست کي 6 ڪينال ۽ 26هين آئيني ترميم تان پوئتي هٽڻو پوندو.