14 مارچ درياهن جو عالمي ڏينهن آهي، جيڪو دنيا ۾ موجود دريائن جي اهميت انهن جي تحفظ ماحولياتي اثرن کي اجاگر ڪرڻ لاءِ ملھايو ويندو آهي. درياهه جيڪي قدرتي وسيلن جو اهم حصو ھوندا آهن انهن جي تحفظ لاءِ عالمي سطح تي آگاهي پيدا ڪرڻ ضروري آهي ڇو ته درياهه صرف پاڻي مهيا ڪرڻ وارو ذريعو ناهن ھوندا پر ماحولياتي توازن، زراعت، پاڻيءَ جو نظام ۽ مقامي زندگيءَ لاءِ پڻ اھم آھي سنڌو پاڪستان جي سڀ کان وڏي ندي آهي جيڪا پاڪستان توڙي سنڌي ثقافت، معاشي سرگرمين ۽ روزمره جي زندگي جو اهم حصو آهي ان سنڌو درياهه مان 6 نوان ڪينال ڪڍي سنڌ جي حالتن کي هڪ اهم موڙ تي آڻي بيھاريو آھي سنڌو نديءَ تي 6 نون ڪينالن نڪرڻ جو منصوبو سرسبز شاداب سنڌ ڀڙڀانگ ڪري ڇڏيندو سنڌ جون زرعي زمينون تباھ ٿي وينديون جنھن سبب سنڌي عوام ۾ بيچيني جي لھر اٿي آھي ۽ احتجاج جو سبب پڻ بڻجي چڪو آهي جنھن ڪري سنڌ جي مختلف شهرن ڳوٺن ۾ عوام احتجاج ڪري رهي آهي جن ۾ ھر مڪتب فڪر جا ماڻھو پوڙھا، پڪا، نوجوان، ٻچا ٻار عورتون سڀ شامل آهن. سنڌي ماڻهن جو ھڪ ئي نعرو آهي ته "ڪئنال سمورا نامنظور” سنڌي قوم پنھنجي شهه رڳ سنڌو درياهه جي تحفظ لاءِ سنڌ جي قدرتي وسيلن کي بچائڻ لاءِ ميدان عمل ۾ پاڻ ملھائي رهي آهي اهي احتجاجن زريعي روڊن رستن تي پنهنجي جذبات جو اظهار ڪري رهيا آهن
سنڌو درياهه رڳو سنڌ توڙي پاڪستان جو جاگرافيائي نقشو ناهي پر اهو سنڌ جي شناخت، ثقافت ۽ تاريخ جو اهم حصو آھي. سنڌو درياهه تي منحصر زراعت، ماڳن ۽ ماڻهن جي زندگيءَ کي سخت متاثر ڪري سگهي ٿي جيڪڏهن سنڌو درياهه جي پاڻيءَ کي غيرقانوني ۽ بغير منصوبابندي سان کنيو ويو ته سنڌ ڪنھن آفريقا جي ملڪ جھڙو ڏيک ڏيندي ھونئن به سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ ھئي سنڌ جي ڊيلٽا وارا علائقا سوڪھڙي جو شڪار ھئا ڪوٽڙي کان ھيٺ پاڻي ناھي سنڌو درياهه مان زوري ڪينال ڪڍڻ سان سنڌ جو ٻچو ٻچو پاڻي جي بوند لاءِ تڙپندو جنھن جي اثر جي شايد پاڪستان جي طاقتور ڌرين کي معلوم ناھي خدارا سنڌوء درياهه مان نوان ڪينال نه ڪڍو جي سنڌ ھوندي ته سڀ ڪجهه سلامت ھوندو ڇو ٿا غريبن جي جيئڻ جو واحد جياپو سنڌو کي ٿا سڪايو وڌيڪ ڪينال ڪڍڻ سان سنڌ جي زراعت، پاڻيءَ جي وسيلن ماحولياتي توازن لاءِ نقصانڪار ثابت ٿي سگهي ٿي سنڌو درياهه مان وڌيڪ ڪينال نڪرڻ خلاف سنڌي عوام جو احتجاج، صرف هڪ سڌي مخالفت ناھي بلڪه اهو عوامي شعور جو مظاهرو آهي جيڪو سنڌ جي ماڻهن ۾ پنهنجن قدرتي وسيلن جي اهميّت ۽ انهن جي تحفظ جي لاءِ پيدا ٿي چڪو آھي، احتجاجن لاءِ روڊن تي نڪري آيلن ماڻهن جو هڪ ئي مقصد آهي ته سنڌو درياهه جي سلامتي ۽ ان جي قدرتي حالت کي برقرار رکيو وڃي
14 مارچ، دريائن جي عالمي ڏينهن تي سنڌي قوم وچن ٿي ڪري ته سنڌو درياهه مان غيرقانوني ڪينالن کي جيستائين رد نه ڪيو ويندو تيستائين احتجاجي مظاهرا ۽ ڌرڻا جاري رھندا.سنڌو درياهه جي تحفظ لاءِ سنڌ ۾ هلندڙ احتجاج ان ڳالھ جو ثبوت آھن ته سنڌي عوام پنهنجي ڌرتيءَ ۽ ثقافت جي سلامتي لاءِ ڪنهن به قسم جي قربانيءَ ڏيڻ لاءِ تيار آھي "ڪينال سمورا نامنظور” جا نعرا ان وقت تائين جاري رهندا جيستائين سنڌو دريا ۽ ان جي قدرتي وسيلن جو تحفظ يقيني نه بڻايو ويندو