لاهور (ويب ڊيسڪ) سينيئر اداڪار جاويد شيخ جيڪو پاڪستاني فلم ۽ ٽي وي انڊسٽريءَ جو وڏو نالو آهي ۽ هن سرحد پار به پنهنجي اداڪاريءَ جا جوهر ڏيکاريا آهن.
هڪ انٽرويو دوران جاويد شيخ انڪشاف ڪيو ته مشهور فلم بالي ووڊ فلم ”جنت“ جي شوٽنگ دوران عمران هاشمي سان سندس ملاقات ٿي، پر عمران هاشمي سندس سلام جو جواب نه ڏنو، جنهن تي هو مايوس ٿيو.
جاويد شيخ ٻڌايو ته ان واقعي کانپوءِ ٻن هفتن تائين عمران هاشمي سان ڳالهه ٻولهه نه ٿي ۽ ٻنهي هڪٻئي کان پاسو ڪيو.
جڏهن هدايتڪار کيس عمران هاشمي سان ڊائيلاگ جي مشق ڪرڻ لاءِ چيو ته هن جواب ڏنو ته مان پاڻ نه ويندس، جيڪڏهن ضروري آهي ته عمران هاشمي پاڻ مون وٽ اچي.
جاويد شيخ اعتراف ڪيو ته هن پنهنجي ڊگهي ڪيريئر دوران بالي ووڊ جي ناليوارن ستارن شاهه رخ خان، اڪشي ڪمار ۽ سلمان خان سان به ڪم ڪيو، جن سدائين کيس عزت ڏني.
You might also like