جعفر ايڪسپريس جا سڀ يرغمالي بازياب، 21 مسافر ۽ 4 جوان شهيد، سمورا 33 دهشتگرد ماريا ويا: آءِ ايس پي آر

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) ڊي جي آءِ ايس پي آر ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چيو آهي ته جعفر ايڪسپريس جا سمورا يرغمالي مسافر بازياب ٿي ويا ۽ سمورا 33 دهشتگرد ماريا ويا آهن.
نجي ٽي وي چينل سان گفتگو ڪندي ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چيو ته بولان ۾ 11 مارچ تي دهشتگردن ريلوي ٽريڪ کي نشانو بڻايو ۽ دهشتگردن ريلوي ٽريڪ کي نشانو بڻائي جعفر ايڪسپريس کي روڪيو ۽ ريلوي اختيارين ٻڌايو ته ريل گاڏي ۾ 440 ماڻهو موجود هئا.
هن چيو ته دهشتگردن يرغمالين کي انساني ڍال طور استعمال ڪيو، جن ۾ ٻار ۽ عورتون به شامل هيون، فوري طور بازيابي جو آپريشن شروع ڪيو ويو، جنهن ۾ آرمي، ايئر فورس، فرنٽيئر ڪور ۽ ايس ايس جي جوانن حصو ورتو ۽ مرحلي وار يرغمالين کي بازياب ڪرايو ويو.
سندس چوڻ هو ته شام جو ڪليئرنس آپريشن ۾ سمورا يرغمالي بازياب ڪرايا ويا، سڀ کان اڳ آپگهاتي بمبارن کي ماريو ويو، پوءِ مرحلي وار بوگي کان بوگي ڪليئرنس ڪئي وئي ۽ اتي موجود سمورا 33 دهشتگرد ماريا ويا.
ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف موجب آپريشن دوران ڪنهن مسافر کي نقصان نه پهتو پر ان کان اڳ دهشتگردن 21 مسافرن کي شهيد ڪري ڇڏيو، جڏهن ته ايف سي جا 4 جوان شهيد ٿيا، جن مان ٽن کي ويجهي پڪٽ تي دهشتگرد آپريشن کان اڳ شهيد ڪيو هو ۽ هڪ جوان گذريل رات آپريشن دوران شهيد ٿيو.
هن ٻڌايو ته دهشتگردن مسافرن کي ٽولين جي صورت ۾ ويهاريو هو ۽ وچ ۾ آپگهاتي بمبار ويهاريا ويا، آپگهاتي بمبارن کي سيڪيورٽي فورسز جي نشاني بازن ماريو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.