راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) اڊيالا جيل جي ٻن هيڊ وارڊرن کي ڪرپشن ۽ اختيارن جي ناجائز استعمال تي نوڪريءَ مان برطرف ڪيو ويو آهي.
ڊي آءِ جي جيل راولپنڊي ريجن عبدالرئوف رانا برطرفيءَ جو حڪم جاري ڪندي ڄاڻايو ته هيڊ وارڊرن محمد ارشد ۽ محمد صفدر کي ڪرپشن ۾ ملوث قرار ڏنو ويو.
حڪم نامي موجب، ٻنهي هيڊ وارڊرن خلاف قيدين شڪايتون داخل ڪرايون هيون، جڏهن ته هو جيل جي ڪچن ۽ سرچ ڊيوٽي تي مقرر هئا.
انڪوائري دوران ٻنهي هيڊ وارڊرن کي قيدين کان رشوت وٺڻ ۾ ملوث قرار ڏنو ويو، جڏهن ته هو پنهنجي بچاءَ ۾ ڪي به ثبوت پيش نه ڪري سگهيا.
ڄاڻايل انڪوائري جنوري 2025 ۾ شروع ڪئي وئي هئي، جنهن بعد ٻنهي هيڊ وارڊرن کي نوڪريءَ تان برطرف ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو.
You might also like