گوگل ميپس واهپيدارن کي هڪ نئين پريشاني کي منهن ڏئي رهيا آهن، ڇاڪاڻ ته سندن ٽائيم لائنون پراسرار نموني غائب ٿي رهيون آهن.
اڃان تائين اهو واضح ناهي ته هي مسئلو مستقل آهي يا عارضي ۽ ان جو ڪو حل به سامهون ناهي آيو.
پهريان سمجهيو پئي ويو ته هي گوگل ميپس جي نئين تبديلي جو نتيجو آهي، جتي ٽائيم لائن جو ڊيٽا ڪلائوڊ مان هٽائي واهپيدارن جي ڊيوائسز تي منتقل ڪيو پيو وڃي.
9 ٽو 5 گوگل جي رپورٽ موجب، هي مسئلو گوگل جي تبديلي سبب نه پر هڪ ٽيڪنيڪي خرابيءَ سبب پيش آيو آهي.
ڪجهه واهپيدارن جو چوڻ آهي ته گوگل سپورٽ ان مسئلي جو ذميوار گوگل ون کي قرار ڏنو آهي ۽ ڪمپني ان کي درست ڪرڻ تي ڪم جاري آهي.
هنيئر تائين ظاهري طور ڪو به حل سامهون نه آيو آهي جنهن سان واهپيدارن جون ٽائيم لائنز واپس اچي سگهن.
في الحال سمورا واهپيدارن ان مسئلي جو شڪار ناهن ٿيا ۽ ڊيوائسز ۾ موجود گوگل ميپس ٽائيم لائين محفوظ آهن.
Next Post
You might also like