ماسڪو (ويب ڊيسڪ) يوڪرين روسي تخت گاهه ماسڪو تي هيل تائين جو سڀ کان وڏو ڊرون حملو ڪيو آهي.
پرڏيهي ميڊيا موجب يوڪرين ماسڪو تي وڏي پيماني تي ڊرون حملا ڪيا، جنهن جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو مارجي ويو، جڏهن ته 3 زخمي ٿيا آهن.
ان حوالي سان روس جي بچاءَ واري وزارت چيو ته راتورات ڪيترن ئي علائقن ۾ 337 يوڪريني ڊرون ڪيرايا ويا، جن مان 91 ڊرون ماسڪو ڏانهن موڪليا ويا، جڏهن ته يوڪرين جي سرحد ڀرسان ڪرسڪ جي علائقي ۾ وڌيڪ 126 ڊرون به ڪيرايا ويا آهن.
You might also like