انسٽاگرام واهپيدارن لاءِ هاڻ ميسج شيڊيول ڪرڻ وارو فيچر متعارف ڪيو ويو آهي.
ميٽا جي فوٽو شيئرنگ ايپ ۾ ”شيڊيول دي ميسج فار ليٽر“ نالي فيچر جو اعلان فيبروري 2025 ۾ ڪيو ويو هو، جيڪو هاڻي عام واهپيدارن لاءِ موجود آهي.
نئين فيچر تحت انسٽاگرام ڊائريڪٽ ميسجز (ڊي ايمز) ۾ واهپيدار پنهنجي دوستن لاءِ پيغام اڳواٽ طئي ٿيل وقت تي موڪلڻ لاءِ شيڊيول ڪري سگهندا.
ان لاءِ واهپيدار کي انسٽاگرام ڊي ايم کولڻ، پنهنجو پيغام لکڻ ۽ موڪلڻ واري بٽڻ کي ڪجهه دير لاءِ دٻائڻو پوندو، جتي شيڊيولنگ جو آپشن ظاهر ٿيندو.
ان کانپوءِ صارف جي پنهنجي مرضيءَجي تاريخ ۽ وقت چونڊي موڪلڻ واري بٽڻ تي ڪلڪ ڪرڻ سان پيغام شيڊيول ٿي ويندو، جنهن کي ضرورت موجب جلدي موڪلڻ يا ختم ڪرڻ جي به سهولت هوندي.
واهپيدار هڪ پيغام کي 29 ڏينهن تائين شيڊيول ڪري سگهي ٿو، پر هن وقت هي سهولت رڳو لکت واري پيغامن لاءِ موجود آهي، تصويرون يا وڊيوز شيڊيول نٿيون ڪري سگهجن.
You might also like