پنير هڪ اهڙي جڙي ٻوٽي آهي، جنهن جو ذائقو ته ڪڙو هوندو آهي پر اها مجموعي صحت تي هاڪاري اثر وجهندي آهي.
ان ۾ موجود طاقتور قدرتي اينٽي آڪسيڊنٽس ان کي مختلف بيمارين کان ڇوٽڪاري لاءِ بهترين دوا بڻائين ٿا.
جيڪڏهن پنير کي روزاني بنيادن تي استعمال ڪيو وڃي ته ڪيترين ئي بيمارين کان بچي سگھجي ٿو ۽ ان سان دائمي مسئلن کان به ڇوٽڪارو حاصل ڪري سگهجي ٿي.
پنير پنساري جي دڪان تان آساني سان مناسب قيمت ۾ ملي ويندو آهي، اهو شوگر، پيٽ جي بيمارين، جسم ۽ سنڌن جي سور جي خاتمي ۾ مدد ڏئي ٿو، گڏوگڏ ٿولهه مان ڇوٽڪاري ۽ جلد صاف ڪرڻ ۾ به مددگار آهي.
پنير جا فائدا سائنسدانن به تسليم ڪيا آهن، اهو شگر جي مريضن لاءِ تمام گهڻو فائديمند آهي، ڇو ته اهو انسولين جي قدرتي واڌ ويجهه ۾ مدد ڏئي ٿو، گڏوگڏ معدي کي به طاقت پهچائي ٿو، بد هاضمي، تيزابيت ۽ پيٽ جي سور کي ختم ڪري ٿو، ان کانسواءِ اهو جلد جي مسئلن جهڙوڪ موهيڙن، ڪارن داغن، گهنجن کي ختم ڪري ٿو، پنير هيپاٽائٽس کان به بچائي ٿو ۽ ٿولهه گهٽائڻ ۾ پڻ مددگار آهي.
استعمال جو طريقو
رات جو هڪ گلاس پاڻي ۾ 12 داڻا پنير وجهي ڍڪي رکي ڇڏيو، صبح جو اٿي نيرائي پي ڇڏيو، بهترين نتيجن لاءِ ان نسخي کي گهٽ ۾ گهٽ 3 مهينن تائين جاري رکو.
ماهرن موجب پنير توڙي جو ڪيترائي فائدا پهچائي ٿو پر ان جو استعمال هر ڪنهن لاءِ فائديمند ناهي، ٽي بي، نمونيا، نزلي، زڪام، کنگهه ۽ سيني ۾ انفيڪشن کان متاثر ماڻهو پنير جو استعمال نه ڪن.
Next Post
You might also like