ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ رولو ڪتن جا حملا وڌي ويا ۽ ويڪسين نه لڳڻ سبب هڪ ڄڻو فوت ٿي ويو.
40 ورهين جي فوتي شخص جو واسطو پني عاقل سان هو، کيس 15 ڏينهن اڳ ڪتي ڏاڙهيو هو پر ويڪسين نه لڳي هئي.
ڊاگ بائيٽ ڪلينڪ جي سربراهه آفتاب گوهر موجب رولو ڪتن جي چڪڻ سان ٿيندڙ بيماري ريبيز سبب هلندڙ 3 فوتگيون ٿي چڪيون آهن.
هن ٻڌايو ته هلندڙ سال ڪتن جي ڏاڙهڻ جا 6 هزار ڪيس سول اسپتال، 5 هزار جناح اسپتال، 3 هزار انڊس اسپتال ۾ رپورٽ ٿيا آهن.
Prev Post
You might also like